
باڪو (م ڊ) پاڪستان ۽ آذربائيجان ۾ سرمائيڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 2 ارب ڊالرز جو معاهدو ٿي ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي روڪڻ جو ڀارتي قدم جنگ جي برابر هوندو، پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي لائف لائن آهي، ڀارتي قدمن جو مقصد علائقائي امن کي نقصان پهچائڻ هو، کيس خطرناڪ قدمن جي اجازت نه ڏينداسين. پاڪ فوج مثالي بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڀارتي اڳرائيءَ جو جواب ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف جو آذربائيجان ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته ماحولياتي چئلينجز لکين ماڻهن جي روزگار کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل 10 ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ڳرندڙ گليشيئرز، شديد گرمي، ٻوڏ ۽ ٻين چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم جي ايران ۽ غزا تي اسرائيلي جارحيت جي به مذمت، شهباز شريف چيو ته والاريل ڪشمير هجي، فلسطين يا ايران، پاڪستان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ معصوم ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ وارن خلاف مضبوطيءَ سان بيٺو آهي، وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزه تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي ائين لڳي ٿو ڄڻ غزه ۾ انسانيت جو وجود ئي ناهي. ڏڪار واري صورتحال، فاقاڪشي ۽ امدادي ڪارڪنن تي اسرائيلي حملا جاري آهن، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان، ترڪي، ايران جي صدر سان ڌار ڌارملاقات ملاقات ڪئي، آذر صدر الهام عليف پاڪستان سان 2 ارب ڊالرز جو سرمائيڪاري معاهدو ڪري ورتو. جڏهن ته ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن، واپار، سرمائيڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران هڪ دفعو ٻيهر جنگ ۾ حمايت تي ٿورا مڃيا، گذريل ملاقاتن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، شهباز شريف صدر پزشڪيان جي قيادت ۽ ايران جي جنگبندي واري فيصلي کي ساراهيو. وزيراعظم شهباز جي ترڪ صدر طيب اردگان سان ملاقات ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان ترڪي سان گڏجي هدفن کي اڳتي وڌائينداسين.