(آدم خـان لـغـاري جي ياد ۾) … ســــار ســـانـڍيــا ســپـريـن

0
66
(آدم خـان لـغـاري جي ياد ۾) ... ســــار ســـانـڍيــا ســپـريـن

 توڙي جو ھن جي وصال کي ڪيئي ورھيه  لنگھي ويا آھن پر پوءِ به سندس سار جا ساز ذھن جي ڪينواس تي ھن جي يادن جا سوز سمائي آگميل اکڙين ۾ لھي روح کي ريجھائيندا رھن ٿا.  ھو سار جي ڏار تي ويٺل اھڙو الست پکي ھو جنھنجا مٺڙا ٻول ماڻھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري انھن کي ڏکن، دردن ۽ درمانن کان دور کڻي سندن روحن ۾ سڪون جي مايا اوتي ڇڏيندا ھئا. ھو رنگ، نسل، ذات جي فرق کان سواءِ ماڻھن سان محبتون ونڊيندو ھو۽ انھن جو مشڪل گھڙيءَ ۾ سھارو بڻجندو ھو.

            محبـت پائي مـن ۾، رنـڍا روڙيا جـن

             تـن جو صرافـن اڻ توريـواگھائـيـو (شاھه)

                 توڙي جو ھن وٽ ملڪيت يا مايا جي ڪائي ڪمي ڪانه ھئي، مٿئين وچولي طبقي جي خوشحال زميندار گھراڻي جو خوش ماڻھو ھو ۽ ھميشه وڏائي، ڏيکاءَ ۽ زر تي بانوَر ڪرڻ جـھڙي ناڪاري نفسيـات جـي سـخـت خلاف ھو.

                 ذاتي ڪچھرين کان ويندي ماڻھن جي سماجي مسئلن تائين ھن پاڻ کي سرگرم رکيو ۽ ڏکين گھڙين ۾ ڪـڏھن به پوئـتي نه ھٽيو ھو. فرد جي آزادي جو قائل ھو ۽ ماڻھو  جي اظھار جي آزاديءَ کي مانُ ڏيندو ھو. ھن دنيا جي انقلابن کي به پڙھـيـو ۽ ان مان اھو به سکيـو ته فرد وڏي سگھه رکي ٿو، فرد جي شـرڪت ۽ اھـميـت کان سواءِ سماجي ريـتـون رسـمون ۽ لڳ لاڳاپا بيڪار ۽ اجايا آھن، سمورا فرد گڏجي پنھنجي شعوري سگھه سان سماج کي بدلائي نئين تاريخ جوڙين ٿا جيڪا حقيقي عوامي تاريخ آھي.  ھو پنھنجي ذات ۽ ڏات ۾  شفاف نيري نديءَ جو اُجروعڪس ھو، مشفق طبعيت، درد مند دل، غريب ۽ ڏتڙيل ماڻھن جو ڀرجھلو ھجڻ وارين خوبين سـبـب سـنـدس پُـرڪشش شـخصيـت ڏانھن ماڻھو ڇڪجي ايـنـدا ھئا. سندس خوبصورت خيالن، ماڻھپي ۽ محبـت جي مايا مان ھر ماڻھو محظوظ ٿيندوھو۽ ذھني آسودگي ۽ روحاني سڪون ماڻيندوھو.

        توريان تان نه تُـرن، سرسُ ٿيا جي سون کان

       جن سان روح رِلي ويو، چوريان تان نه چرن

      جي ھينئڙي منجھه هُـرن, سيئي سانڍيم ساھه سين (شاھه)

ھو تـتيءَ کي ئي پـريـنءَ جو پـيـچرو بڻائڻ واري راھه جو مسافر ھو،صوفياڻو سوز سندس طبعيت ۾ رچيل ھجڻ ڪري ھن پاڻ کي ھميشه عوام سان ڳنڍيل رکيو. سياري جون سـرد شامـون ھـجن يا اونھاري جا تـتـل ڪاڙھا، ھو ماڻھن  جي سـھائـتـا لاءِ پنھنجون سموريون ڪوششون ڪارآمد بڻائڻ ۾ ڪائي ڪثـر ڪانه ڇڏيندو ھو. ھو وجود سان ويچار ڪري روح سان رھاڻ ڪرڻ جھڙو ماڻھو ھو.

ھوھيڻن جي ھمٿ ۽ واٽھڙوئـن جو واھرو ھو، رڳو نالي جو آدم ڪونه ھو پر قدرت ھن کي آدميت جي ڳوھيل مٽيءَ مان سرجيو ھو ۽ ھن ۾ آدميت جا سمورا  گُـڻ سمايل ھئا. سنڌ جي دل حيدرآباد شھر کان لڳ ڀڳ ويھارو ڪلوميٽر ڏور، اوڀر ڏکڻ ۾ قائم ھڪ صديءَ کان وڌيڪ تاريخ رکندڙ مشھور ڳوٺ بخشو لغاري ھن مرد مؤمن جي جنم ڀومي آھي. ھي ڳوٺ علم جي دولت سان مالا مال رھيو آھي ۽ ڪيتريون ئي علمي ادبي شخصيتون ھن ڳوٺ جي سڃاڻپ رھيون آھن.  ان ڪري علم جي اُڃ آدم خان لغاري کي به تاسارو رکندي رھي ۽ ھي باذوق بـنـدو پنھنجي ذھن کي زرخيز رکڻ لاءِ عـلـم جي روشنيءَ سان سـيـراب ڪندو رھندو ھو.  ڪيترائي بھترين ڪتاب ھن جي ذاتي لائبريري ۾ موجود ھوندا ھيا. ان ڪري شعور جي اوسر ھن ۾ ذھني سجاڳي آندي ۽ ھي پنھنجي ڳوٺ ۾ ورھين کان قائم پراڻين مدي خارج، رجعت پرست ريتن رسمن، دقـيانـوسي قـدرن ۽ ظلمـن مان بـيـزارھوندو ھو .

آدم خان کي ان ڳالهھ جو پورو ادراڪ ھو ته جاگيرداريءَ جي جھالت واري سماج ۾ عـلـم ئي واحد ھٿيار آھي جنھن سان نه صرف جھالت جون پاڙون پـٽـي سگھجن ٿيون ۽ دقـيانـوسي، مدي خارج پراڻـن قـدرن ۽ انـڌن عـقيـدن کي شڪست ڏئي سگھجي ٿي پر پنھنجي قوم کي نوَن عـلمـن سان ئي سَـنئين دڳ لائي سگھجي ٿو. ان لاءِ ھن تعليمي ميدان ۾ پنھنجي ڳوٺ بـخشو لغاري توڙي حـيـدرآباد شھر ۾ وڏي جاکوڙڪئي. نياڻين جي تعليم جي اھميت کي سمجھندي پـنھنجي ڳـوٺ جي غريب نياڻين جي ڀرپور معاشي سـماجي ۽ علمي سھائـتا ڪئي. حـيدرآباد شھر ۾ ھن ھيـرآباد ۾ گُـل پيٽرول پمپ ويجھو نوجوانن لاءِ ھڪ جديد سائنسي تعـليـمي ادارو پڻ قائم ڪيو، جتي سوين وجوانن کي تعـليـمي مـيـدان ۾ اڳـتي آنـدو. ڪيترائي نوجوان جيڪي في ڏيڻ جـيتري حيثيت نه پئي رکي سگھيا انھن جي مالي مدد ڪري سندن تعليمي سفر کي جاري رکيو ادب جو سماجي ڪارج ڪيئن ھجڻ گھرجي ۽ سياسي حالات جا معاملا (current affairs) ھن جي گَھري دلچسپي جا موضوع ھوندا ھئا. ان لاءِ ھو نوجوانن کي غير نصابي سرگرمين ۾ سرگرم رکڻ لاءِ ھمٿائيندو رھندو ھو.  نه صرف ايترو پـر ڳوٺ جي نوجوانن کي ھر قسم جي نشي کان پري رھڻ ۽ وڏڙن جي برادري جي مسئلن ۾ اُلجھڻ کان پاسيـرو ٿي رھڻ جي تـلقيـن ڪندو ھو. سـندس اھڙين خوبين سـبب اڪثر نوجوان ھن جي قائدانا صلاحيتن کان متاثر ٿي پنھنجو مستقبل سنوارڻ ۾ ھن کان رھنمائي وٺـندا ھئا.  منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1988ع جي شروع ۾ ٿي ھئي، جڏنھن اسان ڪجھه سياسي دوست گڏجي سنڌي ٻوليءَ ۾“شعور” نالي سان ماھوار رسالو ڪڍي رھيا ھئا سين. ان وقت ڪمپيوٽر تي ڪابه اخبار يا رسالو ڪونه نڪرندو ھو، پرڪمپيوٽـر تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپوزنگ جو ڪم اڃان مس شروع ٿيو ھو، سو اسان دوستن گڏجي فيصلو ڪيو ته رسالي کي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي شايع ڪرائجي. ان وقت حيدرآباد شھر ۾  ٻه ماڻھوئي ھيا جيڪي اھو ڪم ڪاروباري بنيادن تي ڪري رھيا ھيا، ھڪڙو ڪوئي شيخ صاحب ھو جيڪو صدر واري علائقي ۾ ڪم ڪري رھيو ھو، ٻيـوسينٽرل  جـيـل روڊ سان گڏ ڪلھوڙا ڪالونيءَ ۾ آدم خان لغاري ھو جيـڪو پـنھنجي ڪمپيوٽر سينٽر تـان سنـڌي ٻـولـيءَ ۾ ڪمپوزنگ جو ڪم ڪري رھيو ھو.  سو ان حوالي سان اھو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته آدم خان لغاري انھن ماڻھن ۾ اڳيان اڳيان ھو جن سنڌي ٻوليءَ کي جديد بنيادن تي استوارڪرڻ ۽ ترقي وٺرائڻ ۾ پـنھنجون خدمتون سرانجام ڏنـيـون. فطرت ھن جي محـبـوبا ھئي، فطرت سان محبت ھن جي رڳ رڳ ۾ اوتيل ھئي.  پنھنجي آخري ايامن ۾ بلديا ڪالونيءَ واري گھر جي پـڌر تي ڍاڪا گـراس ۽ ڪيترائي خوبـصورت گُـل ھن پنھنجي گھر ۾ سجايا ھئا، جن کي ڏسڻ سـان ئـي مَـنُ واسـجي ويندو ھو.

ڪڏنھن ڪڏنھن اھڙا اَمُـلھه ماڻھو ساڃاھه جي جوت جلائي قوم کي سَنئين دڳ لائي اوچتو ڪنھن اھڙي راھه جا راھي بـڻجي ويندا آھن جو ڏسندڙ اکين کي اعتبارئي ناھي ايندو ۽ سندن عمرڀر جو وڇوڙو وجود ۾ ويراڳ اوتي پنھنجن پيارن جون جھوليون خالي ڪري ويندا آھن. 24 جولاءِ 2009 ع جي اَڀاڳي صبح ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي پُـل ھيٺان ھڪ اندوھناڪ ڪار حادثي، ھي پيارو پرين پنھنجي پوري پريوار سميت اسان کان ھميشه لاءِ کسي ورتو. ھيءَ دنيا ھي ماڳ ھر ڪنھن کي ڇڏڻو آھي، ماڻھو جيڪو ڪجھه پوکي ويندو اھوئي لڻندو، جيڪو چار ڏينھن چاھت جا گذاري محبتون ونڊي ٿو اھو ماڻھو ننڍو نه پر وڏو ٿي وڃي ٿو ۽ ذھن تي ھميشه لاءِ يادگيرين جا نقش چٽي وڃي ٿو. ھن دنيا جي تلخ حـقيقت شـيخ اياز پنھنجين سـٽن ۾ سمجھائـيندي وراڻيو آھي ته

      هيءَ دنيا آھه سَراءِ هِتي، تون چار ڏهاڙا رَهڻو آن !

 ڌرڻو ماري ويھه نه پيارا، نيٺ هتان تون ڪَهڻو آن!

                           ( اياز)