آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جون شعبديبازيون

0
378
آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جون شعبديبازيون

پاڪستان ۾ آدم ڳڻپ سماجياتي ۽ معاشي ضرورتن ۽ مفادن جي بجاءِ سياسي ضرورتن ۽ مفادن جي بنيادن تي ٿينديون رهيون آهن. هونءَ ته پاڪستان جي اندر ڪنهن به اداري جي ڪا ساک ايتري سٺي ڪانهي، جو انهي تي اعتبار به ڪري سگهجي، پر پاڪستان ۾ آدم ڳڻپ جڏهن به ٿي آهي، انهيءَ تي پڻ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل قومي وحدتن عدم اعتماد جو اظهار ڪندي ڳڻپ جي نتيجن کي ڪڏهن به قبول ڪونه ڪيو آهي. انهيءَ جو سبب آدم ڳڻپ جي پٺيان سياسي محرڪات سبب انهيءَ جو غير شفاف هجڻ آهي. ماضي ۾ جيڪا به پاڪستان جي وجود بعد آدمشماري ٿيندي رهي، انهيءَ ۾ هڪ ته مقرر وقت تي انهيءَ جو نه ڪرائڻ ۽ ٻيو آدمشماري عملي جي طرفان گهر ويٺي خانا پوري ڪري حقيقي انگن اکرن جو گڏ نه ڪرڻ رهيو آهي. پاڪستان جي آئين مطابق هر ڏهن سالن بعد ملڪ ۾ آدمشماري ٿيڻ گهرجي، پر هتي ڪڏهن به وقت سر آدمشماري نه ٿيندي رهي آهي. ماضي ۾ ائين هو ته اهو ڏهن سالن جو مدو وڌي ويندو هو ۽ دير سان آدمشماري ڪئي ويندي هئي، پر هن ڀيري پاڪستان ۾ 2017ع جي آدمشماري کي سنڌ حڪومت پاران رد ڪرڻ کان پوءِ 2023ع ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو وري وقت کان اڳواٽ ڳڻپ جو عمل آهي.

ماضي جي حاصل ڪيل تجربن مان سکندي آدمشماري کان پهرين سموري سنڌ جي ماڻهن کي انهيءَ عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن ۽ باشعور فردن هڪ آگاهي مهم سنڌ ۾ هلائي هئي ته هر فرد کي ڳڻپ جي عمل ۾پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌي ماڻهن پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ۾ وڌي چڙهي بهرو ورتو هو. نتيجي ۾ ماضي جي آدمشماري نتيجن کان هن ڀيري سنڌ جي آدم ڳڻپ ۾ بهتري نظر آئي. سواءِ ڪن معمولي اعتراضن جي پهريون ڀيرو سنڌ جي سڀني قومپرست جماعتن ۽ باشعور فردن انهيءَ کي قبول ڪري ورتو، پر ڪراچي تائين محدود سياسي سوچ رکندڙ سڀني جماعتن انهيءَ 2017ع جي آدمشماري کي رد ڪيو. انهن چند لساني ۽ گروهي سوچ رکندڙ جماعتن جي نقطهء نظر کي قبول ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي اڪثريتي موقف کي پٺي ڏني ۽ انهن نتيجن کي رد ڪيو.

آگسٽ 2017ع ۾ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران جڏهن ڳڻپ نتيجن تي اعتراض واريا ويا ته انهن نتيجن جي حتمي اعلان کي روڪيو ويو. معاملو سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ پڻ ويو، جتي اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ جي هڪ لک، 68 هزار شمارياتي بلاڪن جي 2 سيڪڙو بلاڪن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي انهن جي نتيجن کي پهرين جي نتيجن سان ڀيٽيو وڃي. جيڪڏهن انهن نتيجن ۾ ڪو وڏو فرق آهي ته پوءِ انهن اعتراضن کي قبول ڪجي. اهو ئي عالمي طور ڳڻپ جي اعتراضن جي تصديق ڪرڻ جو طريقو آهي. انهيءَ طريقي کي عمل هيٺ نه آندو ويو. وفاقي شمارياتي اداري انهيءَ راءِ کي قبول ڪندي سنڌ حڪومت کي هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي ته اهو سنڌ جي اعتراضن جي لاءِ انهيءَ نموني طور ٻيهر 2 سيڪڙو بلاڪن جي ڳڻپ جي نگهباني ڪري. اهڙي ڪنهن به طريقي تي عمل ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي وزير اعليٰ 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪندي نئين آدمشماري جي گهر ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي وئي. پيپلز پارٽي صرف ڪراچي جي سياسي تنظيمن ۽ پيپلز پارٽي جي ڪراچي جي قيادت جي سوچ جي بنياد تي پيدا ڪيل اعتراضن کي مان ڏيندي سي سي آءِ ۾ ڳڻپ نتيجن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، نه ڪي سنڌ جي مفادن خاطر.

ڪراچي جي سياست ڪندڙ جماعتن کي اهو اعتراض هو ته 2017ع جي آدمشماري ۾ ڪراچي جي ڳڻپ گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جنهن جو بنياد هنن آبادي جي واڌ واري تناسب تي رکيو. مجموعي طور سنڌ جي آبادي جي واڌ جو تناسب 41.2 ڏيکاريو ويو، جيڪو لڳ ڀڳ سنڌ جي اڪثريت ضلعن جو پڻ ساڳيو رهيو، سواءِ ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي سينٽرل جي ضلعن جي. ڪراچي ڏکڻ جي آبادي جي واڌ جي شرح ۰.۹۸ جڏهن ته ڪراچي سينٽرل ضلعي جي آبادي جي واڌ جي شرح 38.1 شمار ڪئي وئي. ڪراچي جي انهن ٻنهي ضلعن جي حدن کي سمجهڻ کان پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته انهن علائقن جي آدمشماري ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ڇو گهٽ واڌ ٿي آهي. ضلعي ڏکڻ ڪراچي جي حدن ۾ آرام باغ، سول لائينز گارڊن، صدر ۽ لياري اچي وڃن ٿا. ڪراچي جو اهو علاقو سڀني کان پراڻو ۽ قديمي آهي، جتي نئين عمارت سازي به ايتري تيزي سان ڪونه وڌي رهي آهي، جيتري ڪراچي جي ٻاهرين حدن سان لڳندڙ ضلعن جي. نه رڳو انهن علائقن ۾ آبادي جو نه وڌي سگهڻ فطري آهي، پر انهن آبادين مان تيزي سان ٻين بهتر علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ وڌندي رهي ٿي. ٻيو ته انهن سڀني علائقن ۾ ڪاروباري علائقا دڪان وغيره وڌيڪ تيزي سان وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري انهيءَ جي آبادي جي واڌ جي شرح ٻين ضلعن ۾ گهٽ هجڻ فطري عمل آهي. ٻيو ضلعو آهي سينٽرل، جنهن جو حدون گلبرگ، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي تي مشتمل آهن. اهو پڻ ڪراچي جي وچ وارو علائقو آهي، جنهن ۾ نئين ڪا به عمارتسازي ٻين ڪراچي جي ٻاهرين علائقن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. ڪراچي ڏکڻ وانگر هتي به ٻاهرين آبادي جي اچڻ جي ڀيٽ ۾ اتان کان نڪري ٻين ڪراچي جي پوش علائقن ۾ انهن جو آباد ٿيڻ يا ملڪ کان ٻاهر لڏي وڃڻ جو تناسب وڌيڪ آهي. منهنجي خيال مطابق انهن علائقن جي آبادي جي واڌ جي تناسب جو گهٽ هجڻ جو سبب واضح آهي. انهيءَ جي بنياد تي ڪراچي سموري جي آدمشماري تي گوڙ ڪيو ويو ۽ سنڌ حڪومت پڻ انهيءَ موقف کي مان ڏيندي 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي مٿي ۾ هڻائي.

بنا ڪنهن آئيني ترميم جي وقت کان اڳواٽ آدمشماري 2023ع ۾ ڪرائڻ جي سنڌ حڪومت منظوري ڏئي پاڻ انهيءَ کوه ۾ ٽپو ڏنو، جنهن ۾ سموري سنڌ کي اڇلائڻ بعد سنڌ جو وزير اعليٰ هاڻ رڙيون پيو ڪري. 2017ع جي آدمشماري ۾ پنجاب جي آدم ڳڻپ جيڪا 1998ع جي انگن مطابق پاڪستان جي ڪل آبادي جو لڳ ڀڳ 57 سيڪڙو هئي، اها 2017ع جي آدمشماري ۾ گهٽجي 95.52 سيڪڙو بيٺي. امڪان اهو هو ته پنجاب جي طرفان انهي 2017ع جي آدمشماري کي قبول ڪونه ڪيو ويندو، پر الٽو سنڌ جنهن جي اڳي جي ڀيٽ ۾ بهتر ڳڻپ ٿي، انهيءَ جي طرفان انهن نتيجن کي رد ڪندي اهو موقعو مهيا ڪيو ويو ته نئين آدمشماري ۾ اهي به پنهنجو انگ وڌائي سگهن.

ڊجيٽل آدمشماري جڏهن شروع ڪئي وئي ته انهيءَ وقت ئي سنڌ جي قومپرست جماعتن ۽ سنڌ جي باشعور ماڻهن انهي تي پنهنجا اعتراض ۽ خدشا ظاهر ڪيا ته انهي ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪا بي ايماني ضرور ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته ڊجيٽل طريقن سان ٿيندڙ هر عمل ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ آسان آهي. پهرين ته سنڌ حڪومت جي طرفان ڪنهن به طرح انهن ڳالهين تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ويو، نه سافٽ ويئر جو ڪوئي ٽيسٽ ڊيمو ڪري انهيءَ جي درست هجڻ جي ڪا تصديق ڪئي وئي، نه ئي انهي سافت ويئر جي ڪنٽرول سسٽم جي ڪا ڄاڻ حاصل ڪئي وئي. ڊيٽا جي ويليڊيشن ۽ انهي جي بيڪ اپ ۽ ڪنٽرول سسٽم جي خرابين سان گڏ جيڪو اهم معاملو هو، سو هو فرد جي شناختي ڪارڊ جو، جنهن جي بنا ڊيجيٽل آدمشماري ڪئي پئي وئي. مطلب اهو ته ڪير به ڪٿي به هجي اهو اتي جي ڳڻپ ۾ اچي وڃي، پر انهي جي اصليت، قوميت شهريت جو پتو ئي نه پوي ته هي ڪير آهي، ڪٿان جو آهي، ڪڏهن کان هتي آهي. اچرج جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت ئي سمورو عملو مهيا ڪري ٿي، جيڪو آدمشماري ڪري ٿو. سنڌ جو روينيو کاتو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪمشنر انهن جي نگراني ڪن ٿا، پر انهي جي باوجود به سنڌ جي حڪومت جيڪڏهن سنڌ جي صحيح طرح ڳڻپ نه ڪرائي سگهي ته انهي جو ذميوار ڪير آهي؟ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت شروع کان وٺي اهڙن سنجيده معاملن کي سياسي راند جو حصو بڻائيندي رهي آهي. 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن کي رد ڪرڻ پيپلز پارٽي جي سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ بجاءِ ڪراچي جي چند ڌرين جي سوچ کي قبول ڪرڻ هڪ وڏي غلطي هئي. انهي بعد 2023ع جي آدمشماري جيڪا ڊجيٽل طريقن سان ڪئي وئي، انهي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪا به اڳواٽ تياري نه ڪرڻ هڪ وڏي غلطي هئي. هي نج انتظامي معاملو آهي جنهن ۾ سنڌ سرڪار کي پنهنجي اهليت ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪندي انهي ڳڻپ جي عمل کي شفاف طور ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهربي هئي پر پيپلز پارٽي انهي سموري عمل کي سياسي اسڪورنگ طور استعمال ڪيو. پهرين سانا جي پليٽ فارم تان هڪ سيمينار ڪرائي انهي خلاف ٻين کان مهم هلرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وري پيپلز پارٽي ملٽي پارٽي ڪانفرنس گهرائي ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٻين ڌرين کي انهي خلاف ڪا مهم هلرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي سڀ طريقا جڏهن فيل ٿي ويا ته هاڻي وري پيپلز پارٽي سنڌ جي وزير اعليٰ طرفان انهي آدمشماري تي خدشن ۽ اعتراضن بعد هڪ فورم طرفان سنڌ جي اعتراضن تي بيٺڪون ڪرايون پيون وڃن.

سنڌ حڪومت 2023ع جي ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جي عمل جي ڏوهي آهي، کين انهي غلطي جو اعتراف ڪندي سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي 2017ع جي آدمشماري کي انهي ۾ قبول ڪرڻ گهرجي ۽ 2027ع ۾ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو کين فيصلو ڪرڻ گهرجي. ڊجيٽل آدمشماري جي عمل کان پهرين انهي ڊجيٽل سافٽويئر جي ٽيسٽنگ ڳڻپ جو ماڊل استعمال ڪري انهي جي تصديق ڪرائي وڃي ۽ انهي سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترائي نقطا آهن، جن کي انهي نئين آدم شماري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.