ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وفاقي حڪومت کي خط لکي چتاءُ ڏنو آھي ته جيڪڏهن آدمشماري بابت سندن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته اهي انگن اکرن کي قبول نه ڪندا، ڪالهه پلاننگ واري وزير احسن اقبال کي  لکيل  خط ۾ ھن چيو آهي ته آدمشماري تي پوري ملڪ جي ماڻهن کي خدشا آھن،  سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شھري علائقن  جي گھٽ ڳڻپ ٿي آھي،  جنهن جا وٽن ثبوت موجود آهن، هن چيو ته موجوده آدمشماري سان شھري علائقن کي معاشي ۽ سياسي نقصان ٿيندو،  انھي ڪري ڪيل آدمشماري جو نئين سر جائز وٺي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي