ڪراچي (اسٽاف رپورٽر(صوبائي سينسز ڪميشن جو آفيسر ۽ عملو گورنر هائوس پهتو، آدمشماري ٽيم گورنر ڪامران ٽسوري ۽ سندس گهرڀاتين جو داخلا ڪئي، ان موقعي تي  گورنر ٽسوري چيو ته اها عوام جي ذميواري آهي ته اها پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ آدمشماري ضروري آهي، جيڪڏهن آدمشماري گهٽ ٿيندي ته اصل آبادي سهولتن کان محروم ٿي ويندي، هن چيو ته ملڪ جي معاشي حب ڪراچي کي آبادي جي لحاظ کان انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي، هن چيو ته آدمشماري جي مدي ۾ 5 ڏينهن جو اضافو ڪيو ويو آهي، عوام کي گهرجي ته اهي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين، جيڪڏهن ٽيم توهان وٽ نه اچي ته پنهنجي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر يا مردم شماري آفيس سان رابطو ڪريو