اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف آدمشماري تي صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي فنڊز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 12 ارب رپين جا فنڊز جاري ڪيا ويندا، سمورن صوبن کي آدمشماري جي انتظامن لاءِ فنڊز جي ٻي قسط جاري ڪئي وئي، آدمشماري لاءِ صوبن کي 3 مرحلن ۾ پئسا جاري ڪيا ويندا جنهن ۾ لاجسٽڪ انتظام يعني هائرنگ آف وهيڪلز، ٽريننگ چارجز ۽ ريمونريشن چارجز لاءِ پئسا جاري ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان سنڌ صوبي کي 92 ڪروڙ 89 هزار هائرنگ آف وهيڪلز جي مد ۾ جاري ڪيا پيا وڃن. اهڙي طرح بلوچستان کي 43 ڪروڙ، خيبرپختونخواهه کي 64 ڪروڙ 42 لک 60 هزار جاري ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته پنجاب کي به سومر تائين 1 ارب 88 ڪروڙ 24 لک 75 هزار جاري ڪيا ويندا. آدمشماري جي عمل جي شفافيت ۽ منظم مانيٽرنگ لاءِ چيف سيڪريٽريز، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي مانيٽرنگ ڊيش بورڊز تائين پهچ ڏني وئي آهي. مانيٽرنگ ڊيش بورڊز ذريعي بلاڪ ليول تائين آبادي، گهر، جيوٽيگنگ سان گڏ ڪوريج جي ڪارڪردگي ۽ ڳڻپ ڪندڙ جي ڪم جي ڪارڪردگي به ڏٺي ويندي جيڪو اڳ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هو.