لنڊن (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري بابت سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمران خان جي اڳوڻي زال جمائما گولڊ سمٿ جو ردعمل سامهون اچي ويو. پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان سپريم ڪورٽ طرفان عمران خان جي ڊرامائي گرفتاري کي غير قانوني قرار ڏيڻ جي حڪم بابت برطانوي نشرياتي اداري جي خبر جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ جمائما گولڊ سمٿ لکيو ته آخرڪار سمجھداري ڪئي وئي.