آخري ريلَ گاڏي!

0
80
آخري ريلَ گاڏي!

 هُو ان وقت پوڙھو ٿي چڪو هو، جڏھن کيس مون ڏٺو هو، سندس اکيون جهانورجي چڪيون هيون، سندس اکين مٿان ڀڃرن جا اڇا وار وري ويا هئا، هو گهر کان اوطاق تائين لٺ جي ٽيڪ تي آيو، هٿ ملائي کٽ تي ليٽي پيو، ڄڻ ته صدين جو سفر طئي ڪري آيو هجي. اوطاق جون ڀِتيون پٿرن سان سٿيل هيون، انهن کي سيمينٽ جي اوساري به نج هئي، مون اوطاق جي ڀتين کي ڏسي سوچيو ته هي ڀتيون طوفانن ۾ ڪيئن سلامت رهيون؟ هونئن ته پهاڙي علائقن ۾ اڪثر  غريب ماڻھن جا گهر يا اوطاقون بنان ڪنهن اوساري جي سٿيل پٿرن سان ٺھيل هونديون آھن، جن کي اهڙي طرح سان جوڙي رکندا آھن جو اهي طوفانن ۾ به نه ڊهنديون آھن، هي سارو ڳوٺ پهاڙي تي آباد آھي، ڳوٺ سامهون اڇي رنگ جو ٽڪر نظر ٿي آيو، جنهن تي ڪٿي ڪٿي ڪو ٻوٽو بيٺل هو، باقي  رڃ ئي رڃ ھئي، ٽڪري جي اولھ طرف کان مٿي چڙھڻ لاءِ ھڪڙو مشڪل پيچرو مٿي ٿي ويو، جنهن تي ان دفعي اسان به مشڪل سان چڙھيا هئاسين، اسان کي سونهين ٻڌايو هو ته، هتي ڪيئي صديون اڳ جين مت ۽ ٻڌ مت جا پوڄاري به رهيا هئا، جن جي رهڻ جا نشان اڄ به موجود آھن، ٿوري ئي پنڌ تي هڪ اسٽوپا به موجود آھي، اسٽوپا ٻڌ جي زماني کان اڳ جا ٻڌايا وڃن ٿا، قديم دور ۾ جڏھن ڪو سنت ديهانت ڪندو هو ته ان جي مڙھ/سمادي مٿان مٽي جي دڙي نما قبر ٺاهي ويندي هئي، ان کي جوڳ ڌيان يا تيرٿ آستان سڏيو ويندو هو، اڳيان هلي اهي قبرن جا دڙا پڪا پٿريلا ٺاهيا ويا ته جيئن جٽادار رهن، اسٽوپا جي شروعات ٽين صدي ق-م ڌاري ٿي، جنهن جي ابتدائي شڪل گنبذ جهڙي هوندي هئي، هاڻي ته ان اڇي جبل جي ڪنارن کان رڳو چن ٺاهڻ جون بٺيون آھن، باقي پري پري تائين ٽٽل روڊ ۽ ڪچيون واٽون آھن، جيڪي ايئن سنسان آھن جيئن پوهه جي پوئين راتين ۾ شھر جون بازارون سنسان هونديون آھن، پوڙھي کنگهڻ کان پوءِ ٽوال جي پلاند سان اکين ۾ آيل لُڙڪ اُگهيا ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين، سندس ڳالھ نه هئي، ڄڻ آتم ڪٿا هئي، چوڻ لڳو جواني ديواني هوندي آھي، آئون روز سيارو هجي يا اونهارو ٻه ٽي ميل پنڌ ڪري روز جنڪشن تي ڊيوٽي تي ويندو هئس،ب يٺل ٽرين مان هڪڙا مسافر لهندا هئا ته ٻيا هٿ لوڏي چڙھندا هئا. ريل ڌڪ ڌڪ ڪري پٽڙي تي نه، پر ڄڻ ھينئين تان چڙھي دور هلي ويندي هئي، ريل جڏھن وڃڻ لڳندي هئي ته ڄڻ جسم کي لوڏيندي ويندي هئي، منهنجو ريل کاتي ۾ ملازمت وٺڻ جو به هڪ عجيب واقعو آھي، اسان جي هن ڳوٺ ۾ ديوانن جا ڪيترائي گهر هئا، جن سان اسان جي سڄي ڳوٺ جو تعلق هوندو هو، ديوانن جي گهرن ۽ اسان جي گهرن وچ ۾ فاصلو فقط هڪ ديوار جو هو، آئون ننڍو هئس ته ڏياري يا وري هندن جي ٻين اهم ڏڻن تي سندن گهر ويندو هئس، جڏھن پاڪستان ۽ ھندستان جو ورهاڱو ٿيو ته سنڌي ديوانن لاءِ ڄڻ قيامت برپا ٿي ويئي، هرڪو ٻه جوڙا ڪپڙا جا کڻي اکين مان لڙڪ ڳاڙيندو ريل گاڏين تي دربدر ٿي هندستان پئي روانو ٿيو، هڪ ڏينهن اسان جي پاڙيسري ديوانن به هندستان لاءِ ڪوچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هڪ علي الصباح ڪاري جي ڪوڪ ٻڌڻ کان اڳ هنن ڪجھ سامان مٿي تي رکي موڪلايو ۽ جنڪشن لاءِ روانا ٿيا، اسان گهر ڀاتين علي الصباح انهن کي ويندو ڏسي اوڇنگارون ڏيئي رُنا هئاسين ۽ پوءِ ريل گاڏيءَ تائين کين ڇڏڻ ويا هئاسين، ڳوٺ جا ڪجھ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا به هئا، جڏھن هو ريل ۾ چڙھيا ۽ گاڏي وڃڻ لڳي ته اسان رنا هئاسين، ان ڏينهن کان پوءِ مون ريل کاتي ۾ نوڪري ورتي ۽ جڏھن آئون ان ساڳئي جنڪشن تي ويندو هئس ته مون کي اهو منظر ياد ايندو هو، پوءِ ڪيترائي سال ريل کاتي ۾ نوڪري ڪيم، پر اهو منظر وسري نه سگهيو، اڳيان هلي منهنجي ترقي ٿي، آئون جمعدار ٿي ويس، پر اها خوشي مون کي ملي نه سگهي، جا ڪنهن ملازم کي ترقي ٿيڻ تي ملندي آھي، اسان خاموشيءَ سان سندس درد ڪٿا ٻُڌندا رهياسين، مسلسل ڳالهائڻ جي ڪري  سندس چهري تي ٿَڪَ جا نشان به عيان ٿي لڳا، وات مان گڦ ڳڙي هيٺ ٿي ڪري، سندس ڏند نه هئڻ ڪري آواز به ڌڪڙيل هو.

پوءِ تون ڪڏھن رٽائر ٿئين؟ مون ساهي رکي سوال ڪيو، ڪيئي سال اڳ، تڏهن رٽائر ٿيس، جڏھن ان جنڪشن تي آخري ريل آئي هئي ۽ پوءِ ريل هلڻ بند ٿي ويئي، مون نوڪري ڇڏي ڏني، ھن جواب ڏنو. ڄڻ ان پٽڙيءَ تان ويندڙ آخري ريل گاڏي هن جو روح پاڻ سان گڏ کڻي ويئي ۽ پوءِ هو بيچين ٿي ويو، هن هڪ نظر پهاڙي تي آباد ڳوٺ تي وڌي ۽ پوءِ خيالن ۾ ھليو ويو، مون به ڪيئي سال ريل گاڏي جو سفر حيدرآباد کان لاهور تائين ڪيو هو، خوبصورت منظر، شام جو لهندڙ سج، رات جي اونداهي، باکَ جا ڌُنڌلا منظر ۽ ريل ۾ مسافرن جي پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ۽ منزل جو انتظار! اڄ به ياد اٿم، ريل جو سفر ان ڪري به يادگار هوندو آھي جو ريل گاڏي جي سفر ۾ ماڻھو گهڻو ڪجھ ڏسندي لطف اندوز ٿئي ٿو.

برصغير ۾ ريلوي جو نظام انگريز راڄ ۾ متعارف ٿيو، ان وقت اڪثر ريل گاڏيون عملدارن جي آمد و رفت، هٿيارن ۽ ٻئي سامان جي رسد لاءِ استعمال ٿينديون هيون، سنڌ ۾ پهرين ريلوي لائين 1860ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين وڇائي ويئي، جنهن جي ڊيگهه هڪ سئو ارڙھن ميل هئي، پاڪستان جي قيام کان پوءِ پاڪستان ۾ ٻه وڏيون ريلوي لائينون هيون. هڪ کي پاڪستان ويسٽرن ريلوي ۽ ٻي کي پاڪستان ايسٽرن ريلوي سڏيو ويندو هو، هن وقت ڌرتي جو وڏو حصو ريل جي پٽڙين سان ڀريو پيو آھي، اهڙين پٽڙين جي پکيڙ لڳ ڀڳ 15 لک ميلن تائين آھي، دنيا جي سڌريل ملڪن جهڙوڪ، جپان، چين، انگلينڊ سميت ايشيا جي ملڪن ۾ تيز ترين ريل گاڏيون بجلي توڙي مقناطيسي لهرن تي 400 کان 500 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلن ٿيون، پر اسان وٽ ريل جو نظام اڃان تائين جديد نه ٿيو آھي، ويتر ڪيترن ئي شھرن ۾ ھلندڙ ريل گاڏيون بند ڪيون ويون آھن، ريل گاڏيءَ جو انجڻ تي ڪم سائنسدان جارج اسٽيفنسن George Stephenson   ڪيو هو، ان کا  اڳ ريل جي انجڻ تي جيمس واٽ James watt ڪم ڪيو هو، جارج اسٽيفنسن  George Stephensonهڪ غريب مزدور جو پٽ هو، هو شروعات ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندو هو، جتي هن ڪوئلي جي کاڻ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ٻاڦ تي هلندڙ پمپ کي ڏٺو هو ۽ پوءِ ان تي غور شروع ڪيو، 17 سالن جي عمر ۾ ھن جيمس واٽ ۽ ٻين سائنسدانن جا ڪتاب پڙھيا ۽ اڳيان هلي هن ريل جي انجڻ تي ڪم شروع ڪيو، اڄ جيڪا دنيا ريل جي گاڏين تي سفر ڪري ٿي، اها جارج اسٽيفنسن جي محنت جو نتيجو آھي.

مون کي ريل کاتي جي رٽائرڊ جمعدار پوڙھي گوپانگ کان موڪلائيندي هِي شعر ياد آيو:

هاءِ هُوءَ ريل گاڏي منهنجو يار وٺي ويئي،

مدتن کان پوءِ آيو هو، سو بهار وٺي ويئي،

دريءَ مان شب روز جو، چنڊ ڏسندو هئس،

اهي سڀ چانڊوڪيون، اهو پيار وٺي ويئي.

هاءِ ھُوءَ ريل گاڏي……

هن وقت ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪيترائي ريلوي رستا ويران آھن، انتظار گاهه مسافرن جي اچڻ جي ڊگهي انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڀُري رهيا آھن، حڪومت کي گهرجي ته پراڻن ريلوي رستن تي ريلون هلائي ويران جنڪشن آباد ڪري ۽ ماڻھن کي ريلوي جون رومانٽڪ سفري سهولتون موٽائي ڏي.