آبپاشي کاتي ۾ ڏاهپ جو ڏڪار آهي؟

0
168
آبپاشي کاتي ۾ ڏاهپ جو ڏڪار آهي؟

 سوشل ميڊيا تي آيل هڪ خبر مطابق ٺٽي ضلعي جي هڪ اهم واھ اڏيرو لعل برانچ کي 18 آڪٽوبر کان بند ڪري ان کي پڪي ڪرڻ جو رهيل ڪم ڪرايو ويندو. اڏيرو لعل برانچ ڪوٽڙي بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڪلري بگھاڙ فيڊر واھ جو آخري برانچ آھي. انهيءَ واھ تي تعلقي گھوڙاٻاري، کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. اڏير لعل برانچ جي منڍ تي پاڻي کڻڻ جي سگھ 1200 ڪيوسڪ آھي ۽ ان مان 18 کن ٻيون ننڍيون وڏيون شاخون نڪرن ٿيون. اڏيرو لعل برانچ نه صرف زرعي زمين کي آباد ڪري ٿو پر جيئن ان جو ڇيڙو انڊس ڊيلٽا سان لڳي ٿو ۽ اتي جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري مقامي ماڻھن جي پيئڻ جي پاڻي جو واحد ذريعو پڻ آھي. گذريل ڪجھ سالن کان سنڌ حڪومت پوڇڙي وارن آبادگارن کي زرعي پاڻي يقيني بنائڻ لاءِ ننڍين، وڏين شاخن کي پڪي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آھي. انهيءَ سلسلي هيٺ ٺٽي ضلعي جون اڪثر شاخون پڪيون ٿي ويون آھن ۽ اميد ته رهيل شاخن تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو.

                 ٺٽي ضلعي جي زرعي، گھرو ۽ صنعتي استعمال لاءِ پاڻي سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڪلري بگھاڙ فيڊر واھ مان ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڪينجھر ڍنڍ مان وري چليا وٽان هڪ واھ ڪلري بگھاڙ فيڊر لوئر نالي سان ڪڍي سڄي ضلعي جي 8 لک ايڪڙ زرعي زمين ۽ ڪراچي کي پاڻي پهچايو ويندو هو. ڪلري بگھاڙ فيڊر جو ڪينجھر ۾ ڇوڙ ڪري جتي ڍنڍ ۾ لٽ ڄمڻ شروع ڪيو، اتي ڍنڍ مان اڇو پاڻي ملڻ ڪري زمينن جي زرخيزي متاثر ٿي ۽ ضلعي ۾ سم ۽ ڪلر جو آزار وڌڻ لڳو. انهيءَ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سرڪار ڪلري بگھاڙ فيڊر کي لنڪ ڪئنال ذريعي ڪلري بگھاڙ فيڊر لوئر سان ملائي ڇڏيو. ڪلري بگھاڙ فيڊر لوئر مان وري ٽي وڏا واھ هر هڪ ڄام برانچ، ساڪرو برانچ ۽ اڏيرو برانچ نڪرن ٿا. سنڌ سرڪار انهن وڏن واهن کي پڪي ڪرڻ جي شروعات اڏيرو لعل برانچ سان ڪئي آھي. اڏيري برانچ جي چاليھ ميلن مان ڇويھ ميل پڪو ٿي چڪو آھي ۽ باقي رهيل چوڏهن ميلن تي ڪم شروع ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ڇا هي وقت ڪم ڪرڻ لاءِ موزون آھي؟

اڏيرو برانچ جيئن ته دائمي واھ آھي، انهيءَ ڪري آبادگار اهڙا فصل پوکين ٿا، جيڪي سڄي سال جا هوندا آھن. مثال طور ڪمند، ڪيلو ۽ باغات. هن سال جيئن ته سنڌو  درياھ ۾ ڪوٽڙي بئراج تي گھربل پاڻي جولاءِ ۾ مليو، انهيءَ ڪري آبادگار سارين جو فصل دير سان پوکيو ۽ هن وقت ان پوکيل فصل کي آخري پاڻي جي سخت ضرورت آھي، جيڪو نه ملڻ جي صورت ۾ آبادگارن کي نقصان ٿيندو. ڪجھ اهڙا به علائقا آھن، جتي خريف جو پاڻي نه پهچي سگھيو ۽ ماڻھو چيٽ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جيئن ته هي علائقو ٽماٽن، ڪڻڪ ۽ ھر قسم جي ڀاڄين لاءِ مشھور آھي. جيڪڏهن پاڻي بند ڪيو ويو ته جتي بيٺل ساريال فصل جو نقصان ٿيندو، اتي آبادگار چيٽ جي فصل کان به محروم ٿي ويندا. اهو فيصلو هن علائقي جي ماڻھن جي معاشي قتل جي برابر هوندو. خبر نه آھي ته کاتي ۾ ڪير اهڙا اهم  فيصلا ڪري رهيو آھي! مزيدار ڳالھ اها آھي ته هتان جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي هتان بدلي ڪري حيدرآباد ۾ بگھاڙ سرڪل جي چارج ڏني وئي آھي، جيڪو اتان ويهي هتان جا ڪم هلائي رهيو آھي. انهيءَ لاءِ چئبو آھي، “انڌير نگري چرٻٽ راڄا”. مقامي آبادگارن جي گھر آھي ته ڪم ٻن قسطن ۾ ڪرايو وڃي. هڪ جڏهن واهن جي سالياني بندي ٿيندي ۽ ٻيو اپريل ۽ مئي مهيني ۾. اپريل ۾ چيٽ جو فصل لهي ويندو آھي. ائين ڪرڻ سان آبادگار وڏي نقصان کان بچي ويندا.