حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي آبپاشي کاتي ۾ ٽن چيف انجنيئرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. گريڊ 20 هين جي چيف انجنيئر اڪرام الله قريشي کي بدلي ڪري چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن مقرر ڪيو ويو آهي جتان منصور احمد ميمڻ کان چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن جي اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. چيف انجنيئر لائننگ، ڊسٽريبيوٽيز اينڊ مائينرز رياض حسين شاھ کي بدلي ڪري کيس چيف انجنيئر سمال ڊيمز مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.