ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ 62 ارب رپين جي روائيز اسڪيم تحت 2001ع ۾ شروع ڪيل 273 ڪلوميٽر ڊگهي آر بي او ڊي ٽو منصوبي تي 2015ع کان ڪم بند هجڻ ۽ وفاقي فنڊنگ جاري نه ٿيڻ تان واپڊا چيئرمين ۽ واپڊا اختيارين کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ لاءِ گهرائي ورتو، پي اي سي پاران آبپاشي کاتي کي آر بي او ڊي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ۽ فني معاملا واپڊا ۽ وفاقي حڪومت آڏو اٿارڻ جي هدايت، پي اي سيءَ آر بي او ڊي منصوبي جي رڪارڊ جي حوالگي بابت نيب، آبپاشي ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي پڻ جوڙي ڇڏي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ ڊي جي نيب عبدالحفيظ صديقي، آبپاشي ۽ ناڻي کاتن جي سيڪريٽري ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو  شرڪت ڪئي وئي. نيب جي ڊي جي عبدالحفيظ صديقيءَ اجلاس کي ٻڌايو ته نيب آر بي او ڊي منصوبي بابت 4 ڪيسن جي جاچ ڪري رهيو هو،  اسان آر بي او ڊي منصوبي لاءِ زمين جي خريداريءَ ۾ 400 ملين رپين جي بيضابطگين بابت جاچ لاءِ ڪجهه رڪارڊ تحويل ۾ ورتو هو ، نيب ترميمن کانپوءِ اها جاچ نيب هيڊڪوارٽر اماڻي وئي آهي،  هن چيو ته زمين جي خريداريءَ بابت تحويل ۾ ورتل رڪارڊ 2 جنوري تي ٺٽي ۽ ڄامشورو جي روينيو آفيسرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت   نيب صرف آر بي او ڊي منصوبي ۾ 5 ارب رپين جي هڪ انڪوائري ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪو به رڪارڊ تحويل ۾ ناهي ورتو، نيب وٽ آر بي او ڊي منصوبي بابت ڪو به رڪارڊ تحويل ۾ ناهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيب آبپاشي کاتي کي رٿا تي ڪم ڪرڻ کان  روڪيو ناهي. اجلاس ۾ ڊي سي ڄامشورو ۽ اي سي ٺٽو ٻڌايو ته نيب کان اڃا تائين رڪارڊ ناهي مليو، ڪاميٽيءَ ميمبر خرم سومرو آبپاشي کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن نيب آبپاشي کاتي کي آر بي او ڊي منصوبي بابت ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون هيون ته پوءِ منصوبي تي 10 سال ڪم نه ٿيڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته بنا رڪارڊ منصوبي تي ڪم ڪيئن اڳتي وڌائي سگهجي پيو؟ ڪاميٽيءَ جي ميمبر قاسم سراج سومرو چيو ته آر بي او ڊي ۾ 10 ارب رپين جي بيضابطگين جي جاچ سبب اِهو منصوبو 11 سالن کان بند پيل آهي،  هاڻي انهي جي لاڳت 400 ارب تائين پهچي وئي آهي، وفاقي حڪومت 400 ارب ڪٿان ڏيندي؟ اجلاس ۾ آربي اوڊي رڪارڊ جي حوالگيءَ بابت نيب، آبپاشي ۽ بورڊ آف روينيو جي آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا رڪارڊ حاصل ڪري 15 ڏينهن  اندر پي اي سيءَ کي رپورٽ ڏيندي، اجلاس ۾ آبپاشي کاتي 40 ارب خرچ ڪرڻ باوجود آر بي او ڊي ٽو منصوبي کي نان فزيبل قرار ڏئي ڇڏيو. آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو پي اي سي کي ٻڌايو ته آر بي او ڊي جو زهريلو پاڻي سامونڊي جيوت کي به تباهه ڪندو، جڏهن ته اها رٿا ٻوڏ جوپاڻ به کڻي نٿي سگهي، انهي ڪري هي منصوبو فزيبل ناهي، رٿا جي جي پي سي ون روائيز ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳت 400 ارب رپين تائين پهچندي، آر بي او ڊي جي فني معاملن ۽ فنڊنگ لاءِ واپڊا ۽ وفاقي حڪومت سان ڳالهايو وڃي. سنڌ جي خزاني واري سيڪريٽري فياض جتوئي ٻڌايو ته 2001ع ۾ 14 ارب رپين سان شروع ٿيل منصوبو 2 دفعا روائيز ٿي 2016ع ۾ 61.985 ارب روپين تائين پهتو، انهي ۾ وفاق جو حصو 54.98 ارب ۽ سنڌ حڪومت جو حصو 7 ارب هو، سنڌ حڪومت 4 ارب جاري ڪري چڪي آهي،وفاقي حڪومت 2019ع ۾ صرف 5 ارب جاري ڪيا، هن وقت تائين هن منصوبي تي 39 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.