ڪراچي(ڪامرس نيوز) پاڪستان ۾ ڦٽين جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿيڻ جي ڪري سنڌ ۾ به پيداوار گهٽجي وئي آهي ۽ آبادگارن وونئڻ پوکڻ کان پاسو ڪيو. مليل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ڦٽين جي پيداوار ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جڏهن ته پنجاب ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ملڪ ۾ ڪپهه جي خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيڻ جي ڪري ٽيڪسٽائل مل مالڪن ٻاهران ڪپهه ۽ سوٽي ڌاڳو گهرائڻ تي زور رکيو جنهن ڪري جننگ ڪارخانن ۾ ڪپهه جا وڏا ذخيرا موجود آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو گهٽ ڦٽيون پيدا ٿيون ۽ ڪل پيداوار 54 لک 90 هزار ڳٺڙيون رهي.