حيدرآباد(بيورو رپورٽ) آبادگار تنظيمن تي ٻڌل اينٽي ڪينالز ايڪشن ڪميٽيءَ 6 ڪينالز خلاف سنڌو دريا بچايو تحريڪ جي 5 اپريل تي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين نڪرندڙ بيداري مارچ جي حمايت ڪندي ان ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آھي.   ڪميٽيءَ پنھنجي ھڪ پڌرائيءَ ۾ چيو آھي ته سنڌو دريا جو پاڻي ڪنھن ھڪ شعبي جي ماڻھن جو يا ڪو سياسي معاملو نه پر سنڌ ۾ رھندڙ سمورن انسانن توڙي حيوانن جي جياپي جو مسئلو آھي. تنھن ڪري ان کي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ به زندگي جي سمورن شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻھن توڙي تنظيمن جو فرض آھي.   ڪميٽيءَ وڌيڪ چيو آھي ته سنڌو دريا کي بچائڻ ۽ سنڌ جي زراعت کي بچائڻ لاءِ ڪينالز جي خلاف ھن وقت جيڪي به سياسي،  سماجي توڙي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ تنظيمون جدوجهد ڪن پيون اسين سمورا آبادگار انھن جو دل سان قدر ڪريون ٿا ۽ انھن جي ان جدوجھد ۾ ساڻن گڏ آھيون.  اينٽي ڪينالز ايڪشن ڪميٽيءَ 3 اپريل تي گمبٽ ۾ٿيندڙ احتجاج جي پڻ حمايت جو اعلان ڪري چڪي آھي. ڪميٽيءَ سنڌ جي سمورن آبادگارن ۽ ھارين کي اپيل ڪئي آھي ته اھي 5 اپريل تي سنڌو دريا بچايو تحريڪ جي سڪرنڊ کان حيدرآباد تائين نڪرندڙ بيداري مارچ ۽ 3 اپريل تي گمبٽ واري احتجاج ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪن.