حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ برساتي ٻوڏ کانپوءِ زراعت بابت حڪومتي ۽ انتظامي لاپرواهي توڙي غيرسنجيدگيءَ کي زرعي معيشت ۽ آبادگارن لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن وقت سر ڪڻڪ جي پوکي نه ٿي ته ايندڙ سال ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿي ويندو. سنڌ آبادگار بورڊ شگرملون نه هلڻ، زمين مان ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوک لاءِ وقت سر ٻج نه ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ گهر ڪئي آهي ته ترت شگرملون چالو ڪرائي زمينن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ آبادگارن کي ترت ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪيو وڃي ته جيئن وقت سر ڪڻڪ جي پوکي ممڪن ٿي سگهي. سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اهم اجلاس نائب صدر ڊاڪٽر بشير نظاماڻي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ ٿيو جنهن ۾ سيد نديم شاهه، زين شاهه،  اسلم مري، طحه ميمڻ، حاجي عمر جمالي، يار محمد لغاري، ارباب احسن، مراد علي شاهه بُڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته هن وقت جڏهن مينهن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زرعي معيشت اڳ ئي تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ آبادگارن جو وڏو مالي نقصان ٿي چڪو آهي تڏهن اهڙي وقت ۾ پاسما طرفان کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت نه ملڻ جو بهانو بڻائي شگرملون هلائڻ کان انڪار ڪرڻ سڌو سنئون زرعي معيشت ۽ آبادگارن سان دشمني برابر آهي. شگرملون چالو نه ٿيڻ سبب ڪمند جي واڍي نه پئي ٿئي جنهن ڪري هڪ طرف بيٺل ڪمند سڪي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ڪمند جي زمين وقت سر خالي نه ٿيڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي. حڪومت ان معاملي تي ترت اپاءِ وٺي پاسما کي شگرملون چالو ڪرڻ لاءِ پابند بڻائي ۽ ڪمند جو اگهه 400 رپيا في مڻ مقرر ڪري. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان اڃان تائين ٻوڏ وارو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو  آهي جنهن مان به اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪڻڪ جي وقت سر پوکي نه ٿي سگهندي. حڪومت ڪڻڪ جو ٻج ورهائڻ واري فيصلي بابت به مونجهاري جو شڪار آهي ۽ اڃا تائين ان حوالي سان پاليسي چٽي نه ڪري سگهي آهي. بورڊ وفاقي حڪومت جي اعلان ڪيل آبادگار پئڪيج  تي به بي اطميناني ظاهر ڪندي چيو ته اهو پئڪيج مطمئن ڪندڙ نه آهي. ڊي اي پي تي جنهن سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو آهي اهو حقيقت جي ابتڙ آهي. حڪومت ڊي اي پي جو اگهه 14000 رپيا ڄاڻائي 2500 رپيا سبسڊي جو اعلان ڪيو پر ان اعلان واري وقت به مارڪيٽ ۾ ڊي اي پي جو اگهه 11500 رپيا هو ان ڪري حقيقي طرح ان اگهه جي بنياد تي سبسڊي ڏئي اهو اگهه 9000 رپيا مقرر ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ٻوڏ سبب آبادگارن جي ٿيل نقصان جي سروي تي به عدم اطمينان ظاهر ڪندي چيو ويو ته اطلاع اهي ملي رهيا آهن ته آبادگارن جي ٿيل نقصان جو اهو سروي حقيقي بنيادن بدران سياسي بنيادن تي ٿي رهيو آهي ان ڪري سروي جو ڪم حقيقي بنيادن تي ڪري آبادگارن جا اعتراض ختم ڪيا وڃن.. اجلاس ۾ آر بي او ڊي جي رٿا کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايل بي او ڊي جي ري ماڊلنگ ڪري ان ۾ پاڻي جي کڻت جي گنجائش وڌائڻ جا مطالبا به ڪيا ويا.