ميرپورخاص/ڊگهڙي(بيورو رپورٽ+ن پ ا) سنڌ آبادگار اتحاد تعلقه ڊگهڙي جي صدر ڪاشف جوڻيجو پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تعلقي ڊگهڙي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي بند آهي، جنهن جي ڪري فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، پر آبپاشي کاتو تعلقي ڊگهڙي کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، آبادگار اڳواڻ ڪاشف جوڻيجو چيو ته رات تائين پاڻي مريد مائنر ۾  نه ڇڏيو ويو ته اڄ آبادگار پراڻو دمبالو ريگيوليٽر تي پاڻي هيٺ ڇڏڻ تائين ڌرڻو هڻندا.