حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ زميندارن ۽ ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگارن لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته اهڙا سمورا زرعي زمين جا مالڪ، آبادگار يا ليز تي زرعي زمين پوکيندڙ آبادگار جن جي زرعي آمدني ساليانو 12 لک رپيا آهي ۽ 50 ايڪڙ يا ان کان وڌيڪ نهري زرعي زمين، 100 يا ان کان وڌيڪ غير نهري زرعي زمين موجود آهي اهي سال 22-2023ع جو رٽرن ايگريڪلچر انڪم فارم اي (A) ڀري پنهنجي لاڳاپيل تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس ۾ 30 سيپٽمبر 2024ع تائين جمع ڪرائين. آمدني ۽ زرعي زمين بابت تفصيل جمع نه ڪرائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.