آبادگارن، عورتن ۽ گهرن لاءِ قرض پروگرام: 5 ڪروڙ تائين ٽيڪس فراڊ ۾ وارنٽ بنا گرفتاري نه ٿيندي: ناڻي وزير

0
20
آبادگارن، عورتن ۽ گهرن لاءِ قرض پروگرام: 5 ڪروڙ تائين ٽيڪس فراڊ ۾ وارنٽ بنا گرفتاري نه ٿيندي: ناڻي وزير
آبادگارن، عورتن ۽ گهرن لاءِ قرض پروگرام: 5 ڪروڙ تائين ٽيڪس فراڊ ۾ وارنٽ بنا گرفتاري نه ٿيندي: ناڻي وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ في چوزي تي 10 رپيا ٽيڪس لڳائڻ، 75 سالن جي پينشنرن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ، پندرنهن سالن کان رهائش لاءِ استعمال ٿيندڙ گهرن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ، صنعتن کي نئين ٽيڪسن کان محفوظ رکڻ،  هارين لاءِ اليڪٽرانڪس ويئر هائوسز قائم ڪرڻ، حڪومتي سيڪيورٽي اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري تي 20 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بابت ڳالهائيندي ناڻي وزير چيو ته پنج ڪروڙ رپين تائين جي ٽيڪس فراڊ ڪيسز ۾ عدالتي وارنٽ کانسواءِ گرفتاري نه ٿي سگهندي، 75سال کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو ٽيڪس کان آجا هوندا، هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پينشن تي ٽيڪس هوندي، هن  چيو ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي بار کان آگاهه آهيون، 6 لک کان 12 لک رپيا آمدني تي ٽيڪس هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايف بي آر کي مليل اختيارن جو ٻيهر جائزو ورتو آهي، 5 ڪروڙ رپين تائين جي ڪيسز ۾ عدالتي وارنٽ کانسواءِ گرفتاري نه ٿي سگهندي، گرفتاري هڪ آفيسر بدران ايف بي آر جي ٽي رڪني ڪاميٽي ڪندي، نئين مالي سال ۾ رڳو انهن ڊيمز تي ڪم ٿيندو، جيڪي پهريان کان منظور ٿيل آهن. هن چيو ته نئين صنعتي پاليسي ۽ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ پاليسي جو اعلان جلد ڪيو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 592 ارب مان وڌائي 716 ارب ڪئي آهي، برٽش ايشيئن ٽرسٽ سان گڏجي پاڪستان جو پهريون اسڪلز ايمپيڪٽ بانڊ به شروع ڪيو ويندو، آبادگارن لاءِ پروگرام جوڙيو آهي، ساڍا 12 ايڪڙ ايراضيءَ وارن ننڍن هارين کي ڊجيٽل ذريعن سان 10 لک رپين تائين قرض ڏيڻ ڏنو ويندو. پهريون دفعو پنهنجي گهر جي خواهش رکندڙن لاءِ 20 ورهين واري قرض اسڪيم شروع ڪئي ويندي. عورتن لاءِ مالي شراڪت جي خاص پروگرام تحت هڪ لک 93 هزار عورتن کي 14 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا آهن، جيڪي ايندڙ مالي سال ۾ ٻيهر ڏنا ويندا. ايندڙ مالي سال ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي تعاون سان عورتن کي تقريبن 14 ارب رپيا وڌيڪ قرض فراهم ڪيو ويندو. سولر تي 10 سيڪڙو ٽيڪس هوندو، هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته 15 سال يا ان کان وڌيڪ مدت تائين تائين ذاتي استعمال ۾ رهندڙ گهر جي وڪري تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو، پر اها سهولت 15 سالن ۾ صرف هڪ دفعو ملندي.