ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ سرڪار ۽ گڏيل قومن جي فنڊ فار پاپوليشن ايڪٽوٽيز ۾ وسيلن جي ورڇ بابت ٿيندڙ اين ايف سي جو فارمولا تبديل ڪرڻ تي اتفاق، آمدني ، آبادي ، انساني ترقي، ٽيڪس شرح ۽ ٻيلن جي ايراضي وارا انڊيڪيٽر شامل ڪيا ويندا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ گڏيل قومن جي فنڊ فار پاپوليشن ايڪٽوٽيز (UNFPA) جي ملڪي نمائندي ڊاڪٽر لوئي شبانا جي اڳواڻي ۾ نسٽ جي ڊي جي ڊاڪٽر اشفاق خان، يو اين ايف پي اي جي پروگرام اينالسٽ رينوڪا سوامي تي ٻڌل وفد سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ اين ايف سي ايوارڊ کي مالي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ پائيدار معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت پهريون ڀيرو وسيلن جي ورڇ لاءِ ڪيترائي معيار ( انڊيڪيٽر ) مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2008ع کان پيپلز پارٽي صوبن کي سيلز ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ڏنو آهي ته جيئن سندن آمدني ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته صوبا عوام جي ويجهو هوندا آهن، انهن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهي ٿي، هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو ٽيڪس وفاقي سطح تي گڏ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته صوبا رڳو 10 سيڪڙو ٽيڪس گڏ ڪندا آهن. اهو عمل صوبن کي وفاق جي فنڊن جي محتاج بڻائي ٿو.هن چيو ته صوبن کي مڪمل مالي خودمختياري ڏيڻ سان نه رڳو ٽيڪس اوڳاڙي ۾ بهتري ايندي پر وسيلن جي وڌيڪ موثر ورڇ به يقيني ٿيندي، ملاقات ۾ نسٽ جي انسٽيٽيوٽ آف پاليسي اسٽڊيز جي ڊاڪٽر اشفاق خان هڪ جامع جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ اين ايف سي جي تاريخي ارتقا، موجوده مالياتي عدم توازن ۽ روينيو جي ورڇ ۾ سڌارن جي ضرورت تي روشني وڌي وئي. هن چيو ته نيشنل فنانس ڪميشن (NFC) وفاق ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ٽيڪس روينيو جي ورڇ جو ذميوار آهي، آئين تحت هر 5 سالن بعد اين ايف سي ايوارڊ اچڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آمدني جي ورڇ جو فريم ورڪ 1935ع جي نيومائر ايوارڊ سان جڙيل آهي، جيڪو 1947ع ۾ ترميمن سان منظور ڪيو ويو. پهريون سرڪاري اين ايف سي ايوارڊ 1951ع ۾ وزيراعظم لياقت علي خان متعارف ڪرايو، جيڪو ريزمين ايوارڊ جي نالي سان مشهور آهي. انهي کانپوءِ ڪيترائي ايوارڊ متعارف ڪرايا ويا پر ابتدائي ايوارڊ (1961ع، 1964ع، 1970ع) ڪنهن به نتيجي تي نه پهتا. 1971ع کانپوءِ آبادي کي وسيلن جي ورڇ جو بنيادي عنصر بڻايو ويو، اهو سلسلو ستين اين ايف سي ايوارڊ تائين جاري رهيو ستين ايوارڊ ۾ پهريون ڀيرو ڪيترائي معيار شامل هئا. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي 1951ع ۾ ٽي ڪروڙ 37 لک هئي ، جيڪا 2023ع ۾ وڌي 24 ڪروڙ 15 لک ٿي وئي آهي، اها هڪ متوازن ۽ ترقي تي ٻڌل اين ايف سي فارمولي جي تڪڙي ضرورت جي نشاندهي ڪري ٿي. ڊاڪٽر اشفاق خان پاليسي سازن کي صلاح ڏني ته اهي پاڪستان جي منفرد چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي طريقن کي نظر ۾ رکن. مالي سال 2023-24ع دوران پاڪستان جي جي ڊي پي 375 ارب ڊالر ۽ في ماڻهو آمدني 1552 ڊالر هئي. جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي گهٽ هجي ها ته معاشي صورتحال تمام گهڻي مختلف هجي ها. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جو سڌو سنئون اثر معاشي ڪارڪردگي تي پئجي رهيو آهي ملاقات ۾ عالمي تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته انڊيا جو فنانس ڪميشن خودمختيار طور ڪم ڪري ٿو، جنهن جي قيادت سياستدانن بجاءِ معاشي ماهرن وٽ آهي، ڪميشن ۾ سڀني رياستن کي نمائندگي ڏيڻ بجاءِ اها رڳو 5 ميمبرن تي مشتمل آهي. ڀارت ۾ صوبن وچ ۾ وسيلن جي عمودي ورڇ رائج آهي، اتي آبادي جي ڪنٽرول جي حوصلا افزائي لاءِ افقي وسيلن جي ورڇ ۾ آبادياتي ڪارڪردگي کي پڻ هڪ عنصر طور شامل ڪيو آهي. ڊاڪٽر اشفاق خان چيو ته پاڪستان جو اين ايف سي ڍانچو سياست جي ور چڙهي ويو آهي، جنهن سبب انگن اکرن ۾ ڦيرڦار ٿي رهي آهي، صوبن کي آدمشماري دوران آبادي جي انگن اکرن کي وڌائڻ لاءِ همتايو پيو وڃي، جنهن آبادي ۾واڌ جي شرح کي سياسي طور تي حساس بڻائي ڇڏيو آهي. هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ ۾ مالي وسيلن جي منصفاڻي ۽ ترقي پسند ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سياسي مداخلت کان پاڪ ۽ منصفاڻي ڊيٽا تي ٻڌل اين ايف سي فارمولا ضروري آهي. جائزي ۾ تجويز ڏني وئي ته صوبن جي وچ ۾ افقي ورهاست لاءِ ڪي خاص معيار ۽ بنياد مقرر ڪيا وڃن، آمدني 30 سيڪڙو، آبادي (2023ع) کي 10 سيڪڙو، ڊيموگرافڪ ڪارڪردگي کي 17.5 سيڪڙو، هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس (ترقي )کي 10 سيڪڙو، ايراضي کي 7.5 سيڪڙو، ٽيڪس ڪوششن کي 5 سيڪڙو ۽ ٻيلن جي ايراضي کي 5 سيڪڙو رکڻ جي تجويز ڏني وئي.