آئين ۾ مارشل لا جي ڪابه اجازت ناهي، توثيق ۾ عدليه جو به ڪردار آهي: جسٽس مندو خيل

0
22
آئين ۾ مارشل لا جي ڪابه اجازت ناهي، توثيق ۾ عدليه جو به ڪردار آهي: جسٽس مندو خيل
آئين ۾ مارشل لا جي ڪابه اجازت ناهي، توثيق ۾ عدليه جو به ڪردار آهي: جسٽس مندو خيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن لکت ۾ معروضات ۾ سويلين جي ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل جي مخالفت ڪري ڇڏي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته آئين ۾ مارشل لا جي ڪا به اجازت ناهي. مارش لا جي توثيق ۾ عدليه جو به ڪردار آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو مارشل لا آئين کان مٿانهون قدم آهي. فوجي عدالتن ۾ سويلين جو ٽرائل انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بيچ ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ سپريم ڪورٽ بار ملٽري ڪورٽس جي حوالي سان لکت ۾ معروضات جمع ڪرايا. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سويلين جو ملٽري ٽرائل نٿو ٿي سگهي. بار ايسوسئيشن آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. آرمي ايڪٽ جون شقون عدالتي تشريحن ۾ آئيني قرار ڏئيون ويون آهن انهن شقن کي هاڻي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. سپريم ڪورٽ بار جو مڃڻ آهي ته سيڪيورٽي، امن ۽ لا اينڊ آرڊر به بنيادي آئيني قدم آهن. سمورا آئيني ۽ قانون قدم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٿيڻ گهرجن. لاهور بار جي وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته ملٽري ڪورٽس ٺاهي وئي. لياقت حسين ڪيس ملٽري ڪورٽس جو تصور ختم ڪيو ويو. جمهوريت ۾ ملٽري ڪورٽس جو ڪو تصور ناهي. ملٽري ڪورٽس جوڊيشل باڊي ناهي. ملٽري ڪورٽس ۾ دستياب بنيادي حق واپس ورتا ويندا آهن. 21 هين ترميم ۾ عبوري ملٽري ڪورٽس ٺاهي وئي. ترميم ۾ جنگي حالتن جو لفظ استعمال ٿيو، سپريم ڪورٽ جي 2009 فيصلي مارشل لا ۽ 2015 جي فيصلي ۾ ملٽري ڪورٽس جو رستو ختم ڪري ڇڏيو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته مارشل لا جي قدمن جي توثيق ۾ عدليه جو به ڪردار آهي. هن چيو ته ڇا مرڪزي سوال اهو آهي ته ڇا سويلين جو ملٽري ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن ملٽري ڪورٽس جي لاءِ آئيني ترميم اچي وڃي ته اوهان جو موقف ڇا هوندو؟ وڪيل حامد خان چيو ته ملٽري ڪورٽس جو دائره اختيار سويلينز جو ٽرائل نه آهي. جيڪي ڪيس ٺهيا آهن اُتي ڪنهن به پابندي پيل جاءِ جو ذڪر ناهي. ڪو نوٽيفڪيشن ناهي ته لاهور ڪور ڪمانڊر هائوس ممنوع جڳهه آهي. ان کان پهريان ڪٿي ڪا تصوير موجود نه هئي ته جناح هائوس آهي. هاڻي ياد اچي ويو ته جناح هائوس آهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته سيڪريٽ ايڪٽ صرف آرمي جي لاءِ ناهي هي پاڪستان جي لاءِ آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل 18 کان 20 ماڻهن جي لسٽ ڏني. جنهن کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. جسٽس جمال مندوخيل چيو جيڪو ڏوهه آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت هجي ان ۾ اپيل ڊپارٽمينٽ جي سامهون ئي ٿيندي آهي. عام عدالتن جي سامهون اپيل نٿي ٿي سگهي. دليلن دوران حامد خان تله سازش ڪيس، پنڊي سازش ڪيس، احمديه هنگامن جا به حوالا عدالت آڏو رکيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. حامد خان ايندڙ ٻڌڻي تي به دليل جاري رکندو.