آئين ۾ تجويز ڪيل 26 هين آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا

0
61
آئين ۾ تجويز ڪيل 26 هين آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا
آئين ۾ تجويز ڪيل 26 هين آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا

آئيني عدالت جا جج 68 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيندا، ٻٽي شهريت رکندڙ جج سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت جا جج مقرر نه ٿي سگهندا، سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي چيف جسٽسز جي ملازمت جو مدو 3 سال هوندو

 آئين ۾ تجويز ڪيل 26 هين آئيني ترميمي ايڪٽ واري بل جي مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا، ترميم تحت صدر کي ڪابينا يا وزيراعظم پاران اماڻيل ايڊوائيس تي ڪا به عدالت، ٽربيونل يا اٿارٽي انڪوائري نه ڪري سگهندي، آرٽيڪل 63 اَي ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت پارلياماني پارٽي جي هدايت خلاف ووٽ ڏيندڙ ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويندو

 آرٽيڪل 78 ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز، آرٽيڪل 175 اَي ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت هاءِ ڪورٽس ۽ شريعت ڪورٽ جي ججز جي مقرري ڪميشن ڪندي، وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس ڪميشن جو سربراهه هوندو

ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ آئيني عدالت جا 2 سينيئر ترين جج شامل هوندا، ڪميشن ۾ قانون وارو وزير، اٽارني جنرل، سينيئر ايڊوڪيٽ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا 2-2 ميمبر شامل هوندا

  وفاقي آئيني عدالت جي ججز جي مقرري لاءِ ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هوندو، سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ ڪميشن آئيني عدالت بدران  سپريم ڪورٽ جا 5 جج شامل هوندا، آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي سفارشن تي ڪئي ويندي

 آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ قومي اسيمبلي جي 8 رڪني ڪميٽي جوڙي ويندي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري به قومي اسيمبلي جي ڪميٽي جي سفارش تي ڪئي ويندي، وفاقي آئيني عدالت ۾ چئني صوبن جي ججز جي برابر نمائندگي هوندي

حڪمران اتحاد کي آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ وڌيڪ 13 ميمبرز جي حمايت گهربل، قومي اسيمبلي جي 336 رڪني ايوان ۾ ترميم جي منظوري لاءِ حڪمران اتحاد کي 224 ووٽ گهربل

قومي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد وٽ 211 ميمبرز جي حمايت موجود، حڪومتي بينچز تي ويٺل 211 ميمبرز ۾ نوازليگ جا 110، پيپلزپارٽي جا 68 ۽ ايم ڪيو ايم جا 22 ميمبر شامل، حڪمران اتحاد جي ميمبرز ۾ آءِ پي پي ۽ قاف ليگ جا 4-4 ميمبر، مسلم ليگ ضياءَ، بي اي پي ۽ نيشنل پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر به شامل

اپوزيشن بينچز تي ويٺل 101 ميمبرز ۾ سني اتحاد ڪائونسل جا 80 ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافته 8 آزاد اميدوار شامل، جي يو آءِ ف جا 8 ميمبر به اپوزيشن بينچز تي ويٺل، بي اين پي مينگل، ايم ڊبليو ايم ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جو هڪ هڪ ميمبر به اپوزيشن بينچز ۾ شامل

 حڪمران اتحاد کي آئيني ترميم لاءِ سينيٽ ۾ 68 ميمبرز جي حمايت گهربل، مٿئين ايوان ۾ حڪمران اتحاد کي 54 ميمبرز جي حمايت حاصل

سينيٽ ۾ حڪومتي بينچز تي پيپلزپارٽي جا 24، نوازليگ جا 19، بي اي پي جا 4 ۽ ايم ڪيو ايم جا 3 سينيٽرز موجود، حڪمران اتحاد کي سينيٽ مان آئيني ترميم جي منظوري لاءِ وڌيڪ 9 ميمبرز جي حمايت گهربل، سينيٽ ۾ اپوزيشن بينچز تي 31 سينيٽرز ويٺل

اپوزيشن بينچز تي ويٺل ميمبرز ۾ پي ٽي آءِ جا 17، جي يو آءِ جا 5 ۽ اي اين پي جا 3 سينيٽرز شامل، سني اتحاد ڪائونسل، ايم ڊبليو ايم، بي اين پي، نيشنل پارٽي ۽ قاف ليگ جو هڪ هڪ سينيٽر ۽ هڪ آزاد سينيٽر به اپوزيشن بينچز ۾ شامل

هي به پڙهندا

وفاقي سرڪار جون عدليه بابت آئين ۾ تجويز ڪيل ترميمون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي