اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي گهرو مامرن بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مختلف ترميمي بلن جي منظوري ڏني وئي آھي، ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر محسن عزيز جي صدارت ۾  ٿيو، ڪاميٽي ۾ شهادت اعوان پاران پيش ڪيل ” پاڪستان پينل ڪوڊ” (ترميم) بل 2023 جي سيڪشن 377 اي پي پي سي) سينيٽر فوزيه ارشد پاران ” ڪرمنل لاز (ترميمي) بل 2023 جي سيڪشن 289 پي پي سي جي ترميم ۽ سينيٽر ميان رضا رباني پاران پيش ڪيل ” ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر (ترميمي) بل 2023 تي ڪميٽي ۾ تفصيلي غور  ٿيو، جنهن کا پوءِ ڪاميٽي متفقه طور تي ٽنهي ترميمي بلز کي منظور ڪري ورتو. وڻن جي واڍي بابت بل وڌيڪ بحث لاءِ ملتوي ڪيو ويو، ڪاميٽي ايندڙ ميٽنگ ۾ وزارت ماحوليات کي به طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  سينيٽر محسن عزيز اجلاس ۾ ” فيڪٽريز (ترميمي) بل 2023 پيش ڪيو. سينيٽر محسن عزيز چيو ته بل آڻڻ جو مقصد ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن ۽ مرد ملازمن لاءِ سهولتون وڌائڻ آهي، ڪاميٽي بل منظور ڪري ورتو، ڪاميٽي مدرسن جي ضلعي سطح تي رجسٽريشن بابت بل کي رد ڪري ڇڏيو،جنهن تي جي يوآءِ جو مولوي فيض محمد احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو، ڪرمنل لاء ترميمي بل 2023ع منظور ڪيو ويو، سينيٽر رضا رباني چيو ته آئين ۾ آرٽيڪل 124 اي جي ڪا ضرورت ناهي رهي، ڇو ته هي نوآبادياتي دور جو آهي، بغاوت جو ڪوئي تصور ناهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ان کي معطل ڪيو آهي.