اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 23 آڪٽوبر سومر  ڏينهن اسلام آباد ۾  سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي دعوت تي آئين پاڪستان کي 50 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ بار روم ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. جتي بلاول ڀٽو زرداري خطاب به ڪندو. جڏهن ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سوڌو آئين پاڪستان جي مسودي کي تيار ڪندڙ ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن کي اعزازي شيلدون به ڏنيون وينديون.