ملتان(م ڊ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آئيني عدالت جي حمايت ڪندي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته آئيني عدالت جي قيام واري تجويز تي متفق ٿيا هئاسين، پر هتي به اسان کي بدنيتي نظر آئي، هو سڄو عدالتي ڍانچو ائين جوڙي رهيا هئا جو مخالفن کي دٻائين ۽ عدليه کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪن، آئيني ترميمن جو مقصد رڳو حڪومت کي تحفظ ڏيڻ هو، ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  حڪومت کي چيو هو پهرين مسودو ڏيکاريو، پوءِ ڳالهيون ٿينديون، شروع ۾ حڪومت ڪوبه مسودو ڏيکارڻ لاءِ تيار نه هئي، پوءِ هڪ ڪاپي پ پ ۽ ٻي اسان کي ڏني وئي، پڪ ناهي ته اهي ڪاپيز ساڳيون آهن، بلاول ڀٽو ملاقات ۾ طئي ڪيو ته ٻئي پنهنجو پنهنجو مسودو تيار ڪنداسين، فيصلو ڪيو اٿئون ته شخصيتن بدران ادارن ۾ سڌارن ڏانهن وڃو، ادارن وچ ۾ توازن خراب نه ٿيڻ گهرجي، حڪمران غلط ڪم ڪرڻ جي ضد تي آهن ته جي يو آءِ رستا روڪ ڪندي، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت پنهنجو مُدو پورو ڪندي نظر نٿي اچي، اُها عوام بدران طاقتور جي وڌيڪ خدمت ڪري رهي آهي، اسان حڪومت کي عوام جي نمائندگي ڪندڙ نٿا سمجهون، جي يو آءِ سربراهه پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو