اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست جي ٻڌڻي لاءِ ٽه رڪني بينچ جوڙي وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 17 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال حسن شامل آهن. عابد زبيري تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. ذريعن موجب ڪالھه عابد زبيري رجسٽرار جي اعتراضن خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن تي چيف جسٽس درخواست اعتراضن سوڌو مقرر ڪئي.