آئيني بينچ ۾ لاپتا ٻارڙن وارو معاملو: آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽريز طلب

0
15
آئيني بينچ ۾ لاپتا ٻارڙن وارو معاملو: آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽريز طلب
آئيني بينچ ۾ لاپتا ٻارڙن وارو معاملو: آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽريز طلب

پينو فقير موڪلڻ ۾ ته اسان هاڻي انٽرنيشنل ٿي چڪا آهيون، پينو فقيرن جو پرڏيهه وڃڻ ڪيتري شرم جوڳي ڳالهه آهي: آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان جا ٻارڙن جي اغوا ڪيس ۾ ريمارڪس، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪوئيٽا مان نينگر جي اغوا جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇهن ڏينهن کان هڪ اغوا ٿيل ٻار نه ٿو بازياب ٿي سگهي، احتجاج سبب سمورو صوبو بند ٿي چڪو آهي پر حڪومت کي ڪا پرواهه نه آهي، آئيني عدالت سڄي ملڪ مان گم ٿيل ٻارڙن جي حوالي سان سمورن آءِ جيز ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو، جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن صوبي ۾ ڪو ادارو يا ڪميشن آهي جيڪا مغوي ٻارڙن تي ڪم ڪري رهي آهي، 18هين ترميم بعد هاڻي ته صوبن وٽ اختيار آهن، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته سپريم ڪورٽ ٻارڙن جي اغوا تي هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي جنهن اڄ تائين ڪم ناهي ڪيو، جسٽس امين الدين خان چيو ته ڪيترا ٻار اغوا  ۽ ڪيترا بازياب ٿيا آهن، تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي، جسٽس جمال مندو خيل چيو ته ايف سي تي اربين رپيا خرچ ٿين ٿا، ان جو سوشل ويلفيئر ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ؟ جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۾ ٻارڙا ٽريفڪ سگنلز تي خيرات وٺندا آهن، جسٽس امين الدين خان چيو ته پينو فقير موڪلڻ ۾ ته اسان هاڻي انٽرنيشنل ٿي چڪا آهيون، پرڏيهه پينو فقيرن جو وڃڻ ڪيتري شرم جوڳي ڳالهه آهي، آئيني عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي