اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 8 فيبروري 2024 تي عام چونڊن ۾ ڌانڌلي متعلق ٽن درخواستن کي پيروي نه ٿيڻ سبب خارج ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڌانڌلي متعلق باني تحريڪ انصاف ۽ شير افصل مروت جي درخواستن تي رجسٽرار آفيس کي اعتراضن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي موڪلن تائين ملتوي ڪئي وئي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ 8 فيبروري تي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار قيوم خان، محمود اختر ۽ ميان شبير عدالت ۾ پيش نه ٿيا. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 2024 جي عام چونڊن ۾ ڌانڌليءَ متعلق ٽن درخواستن کي عدم پيروي سبب خارج ڪري ڇڏيو. ٽنهي درخواست گذارن عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌليءَ تي درخواستون داخل ڪرايون هيون. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ جي ست رڪني آئيني بينچ باني تحريڪ انصاف جي 8 فيبروري 2024 جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سياري جي موڪلن بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آئيني بينچ مبينا ڌانڌليءَ خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي. عدالت رمارڪس ڏنا ته اهڙي ئي درخواست باني تحريڪ انصاف جي به آهي. عدالت درخواستگذارن کي رجسٽرار آفيس کي اعتراض فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي جنوري 2025 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.