ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ استادن جي ڀرتين بابت سنڌ حڪومت کي رليف ڏئي ڇڏيو. آئيني بينچ سنڌ حڪومت جي درخواست تي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتين بابت جاري ڪيل اسٽي ختم ڪري استادن جي ڀرتين ۽ جوائننگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.  انهي کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف درخواستن تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي سنڌ حڪومت کي استادن جي ڀرتين کان روڪيو هو. ڪالهه ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو ته پابندي سبب صوبي ۾ تعليمي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي،  تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي ڀرتين جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته درخواست گذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هارڊ ايريا جو جواز ڄاڻائي 33 سيڪڙو رکندڙ من پسندن کي نوڪريون ڏنيون ويون، هن موجب سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي قانون هجڻ گهرجي، سڄي سنڌ ۾ 33 سيڪڙو مارڪون رکندڙ اميدوارن کي  پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جون نوڪريون ڏنيون وڃن.