اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن آئيني بينچز جي مدي ۾ 30 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو، مختلف عدالتي معاملا بحث هيٺ آيا، ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جسٽس امين الدين خان ۽ ٻي آئيني بينچز جي مدي ۾ 30نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. اڪثريتي راءِ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز جي مدي۾ 23 جولاءِ کان 6 مهينا واڌ منظور ڪئي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻه نوان ججز به شامل ڪيا ويا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽس جي ججز جي سالياني ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ پاليسي جوڙي ويندي، عدليه، پارليامينٽ، انتظاميا ۽ قانوني ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ويندي، ڪاميٽي قاعدن جو مسودو تيار ڪندي، چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس پهرين جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، ذريعن موجب سنڌ، پشاور، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي مستقل چيف جسٽسز جي مقرري تي غور ٿيندو، ٽنهي هاءِ ڪورٽس ۾ هن وقت وقتي چيف جسٽسز فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.