روميءَ جو ڪيترو نه خوبصورت ۽ خطرناڪ شعر آھي ته:
”ھو پنھنجي انداز ۾ ايترو ته شاطر آھي
جو وھندڙ پاڻيءَ کي ڳنڍ ڏئي سگھي ٿو“
سنڌو درياھ تان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ جو مقصد ھڪ سدا وھندڙ نديءَ جي نڙگھٽ مٿان لت ڏيڻ آھي. پر اسان جي ملڪي سياست ھن مھل ان مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آھي جو ھر ڪمپرومائيز جي قيمت ڪرسيءَ جي صورت ۾ وٺي سگھجي ٿي. اھا ڪرسي ڪھڙي ۽ ڪيتري وقت واري ھوندي؟ انھن سوالن جا جواب سمجھوتي جا وڌيڪ باب تحرير ڪرڻ جي چري چاھت ۾ مبتلا محسوس ٿين ٿا.
اسان سمجھيو ھو ته او ايل ايڪس صرف پراڻين شين جي وڪري جو پليٽ فارم آھي. ڪنھن کي معلوم ھو ته ھڪ وقت اھڙو به ايندو، جڏھن جھوني بزرگ جھڙي جمھوريت کي به اھڙي طرح وڪرو ڪيو ويندو، جيئن سڪل وڻ کي وڍي وڪڻبو آھي. جڏھن جمھوريت ڇانو وارو بڙ بڻجڻ بدران سرءُ جو سڪل وڻ بڻجي ويندو آھي ته مالھين جو روپ ڌاري سياست جي جھنگ ۾ ھلندڙ ڪاٺيرن جي ٻيگھي مچي ويندي آھي. جمھوريت ڪو جبل ناھي، جيڪو جيئن جو تيئن بيٺو رھي. جمھوريت ھڪ اھڙو فصل آھي، جنھن کي ھر نسل پنھنجي پگھر جو پاڻي ڏئي ان جو ڦل ماڻيندو آھي پر جڏھن سياست سرڙن ھارين جي حوالي ٿي ويندي آھي، تڏھن سونا سنگ جھولڻ جو انتظار ڪرڻ ڪٺن محسوس ٿيندو آھي. اھڙي ماحول ۾ ٻنين جا ٻج ان وقت ئي وڪيا ويندا آھن، جڏھن اھي ساوا سلا مس موريندا آھن. اسان جي ملڪ ۾ ان جمھوريت سان اھو حشر ٿي رھيو آھي، جيڪا مسلم ليگ (ن) جي ته نه پر پيپلز پارٽيءَ وارن جي لاءِ وڙن جي نشاني ضرور ھئي. اھو دور ڪيترو نه درد ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو، جڏھن مقابلا مثبت ميدان ۾ ٿيڻ بدران منفيت جي حوالي ٿيڻ لڳن. ھڪ وقت اھڙو به ھو ۽ ان وقت کي گذري ڪيئي صديون نه پر ڪجھ سال ٿيا آھن، جڏھن جمھوريت جي جدوجھد واري ميدان تي مثبت سياسي مقابلا ٿيندا ھئا پر ھاڻي اقتدار جو ميرٽ اھو بڻجي ويو آھي ته ڪير جمھوريت جي جڙ وڌيڪ ڪمزور ڪري سگھي ٿو؟
پاڪستان ۾ جمھوريت جي لاءِ سدائين اھو سوچيو ويندو آھي، اھا سدائين اسٽيبلشمينٽ جي ڪونڊيءَ ۾ پوکيل ٻوٽي جھڙي ھوندي آھي ۽ جيڪو به ان کي عوام جي دلين واري وسيع ڌرتيءَ تي پوکڻ جي ڪوشش ڪندو، تنھن جي حامين کي ان حقيقت سان آشنا ڪيو ويندو ته، “ڦاسي گھاٽ جي ھيٺان سائو گاھ نه ڦُٽندو آھي”. جمھوريت جيڪڏھن انقلاب جي صورت ۾ افورڊ ڪرڻ ممڪن نه آھي ته ان کي ارتقاءَ جي مرحلن ۾ به قبول ڪرڻ لاءِ ھن ملڪ جا ماڻھو تيار ھئا پر ڪنھن کي معلوم ھو ته ارتقاءَ جو ڦِيٿو اُبتو ڦيريو ويندو ۽ اقتدار لاءِ ھر اصول قربان ڪرڻ کي سياسي بلوغت قرار ڏنو ويندو.
سرد جنگ جي دوران دُنيا جي جنھن به جمھوري ملڪ ۾ سوشلزم جي راھ روڪڻ جي لاءِ آمريت جا اسپيڊ بريڪر قائم ڪيا ويا ھئا ته انھن ملڪن ۾ سڀ کان اڳ آئين کي ھٽائڻ لازم ھوندو ھو. اھوئي سبب ھو ته اسان جي ملڪ کي اڍائي ڏھاڪن تائين آئين کان سواءِ ھلايو ويو. ڇو ته آمر ايوب کي معلوم ھو ته، دنيا جو ڪو به قانون ورديءَ واري حڪمرانيءَ کي جمھوريت قرار نه ڏيندو. جڏھن ته ايوب خان بنيادي جمھوريت واري برانڊ جي آمريت ھلائڻ وارو حڪمران ھو. ھُو عوامي آئين کان خوف کائيندو ھو. ھن کي معلوم ھو ته عوام معرفت آئين جوڙڻ جو مقصد پنھنجي اقتدار مٿان فائر ڪرڻ ھوندو. ان ڪري ھُو تاريخ جي جل مٿان جمھوريت جون مرغابيون شڪار ڪندو رھيو. ھن آمريت واري اقتدار تان ملڪ جو وجود به قربان ڪري ڇڏيو. ڇو ته ملڪ ۾ حقيقي ۽ عوامي ۽ عملي جمھوريت ھجي ھا ته اوڀر پاڪستان بنگلاديش نه بڻجي ھا. جڏھن زيڊ اي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو ته اھو آئين انھن قوتن لاءِ قابل قبول نه ھو، جيڪي عالمي آقائن جي اشاري تي ملڪ ۾ عوامي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کي “نظريه ضرورت” جو نقاب پارائي، ان کي قانوني حيثيت ڏيارڻ جي نه رڳو ڪوشش ڪندا آھن پر اھي ان ڪوشش ۾ ڪامياب به ڪيا ويندا آھن.
ايوب جي آمريت کان پوءِ جنرل ضياءَ جي مارشلا آئي ته ان جو پھريون حملو ملڪ جي آئين مٿان ھو. ڇو ته اھو آئين ھڪ ماڊل ڊڪٽيٽر لاءِ ڪنھن به صورت ۾ قابلِ قبول نه ھو، جيڪو آئين ان قانون جو امين ھو، جنھن قانون مطابق آئين کي معطل ڪرڻ واري جو انجام تخت نه تختو ھو. جنھن کي آئين مطابق تخت تي ھجڻ کپندو ھو، ان کي تختي تي بيھاريو ويو ۽ جيڪو قانوني طور تي تختي جو حقدار ھو، ان کي تخت نشين ڪيو ويو ۽ نه صرف تخت نشين ڪيو ويو پر ان جي مرضي ۽ منشا تي ملڪ جو حال بيحال ۽ مستقبل مقتل ۾ تبديل ڪيو ويو.
پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ آمريت پسند قوتن کان گھڻي وقت تائين عوام جي آزاد سياست برداشت نه ٿيندي آھي، اھوئي سبب آھي ته ڪڏھن ڪھڙي نالي ۽ ڪڏھن جھڙي نعري ۽ ڪڏھن ڪھڙي حوالي سان آئين مٿان سڌو حملو ڪري آمريت جي راھ اجاڳر ڪئي ويندي آھي. اھوئي سبب ھو ته ملڪ جو آفيشلي حساب سان پويون آمر پرويز مشرف به آئين کي معطل ڪرڻ بدران اقتدار جو مالڪ نه ٿي بڻجي سگھيو. ھن جو پورو دور آئين ۽ قانون کي پنھنجي مرضيءَ سان ھلائڻ جي ڪوشش ۾ گذريو. ھن ججن کي پنھنجي منشا ۽ مفاد واري قانون سان ھم آھنگ ٿي عدالتون ھلائڻ جي لاءِ مجبور ڪيو ۽ جڏھن ججن ۾ بغاوت جي باھ ڀڙڪي پئي ۽ وڪيل ان آگ جا الا بڻجي ويا، تڏھن مشرف جي لنڪا رک ۾ تبديل ٿي وئي.
پرويز مشرف جو اقتدار لوڻ پاڻي ڪيئن بڻيو؟ ان تي ڪنھن وڏي سياسي تحقيق جي ڪا ضرورت نه آھي. ڇو ته مرحوم پاڻ پنھنجي مخصوص بيباڪ انداز سان بار بار اعتراف ڪندو ھو ته جيڪڏھن ھو عدليا سان نه الجهي ھا ته ھن جو اقتدار ايترو جلد انت سان ھم آغوش نه ٿي سگھي ھا. پاڪستان ۾ جمھوريت جي لاءِ ھليل جدوجھد جو اھم نعرو اھو نه ھو ته پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو وڃي. جيڪڏھن ايم آر ڊي جي جدوجھد جا وساريل ورق ٻيھر پڙھڻ جي ڪوشش ڪبي ته اسان کي ان جدوجھد جي ھر پني تي سڀ کان وڏن اکرن ۾ اھو مطالبو لکيل نظر ايندو ته “آئين کي بحال ڪيو“.
آئين ھر آمر جي اک جو ڪک رھيو آھي. جھڙي طرح جرمن جنرل گوئرنگ چوندو ھو ته “آرٽ جو نالو ٻڌي من ھن جو ھٿ پستول طرف وڌي ٿو”. تھڙي طرح آئين جو نالو ٻڌي ھر آمر جو ھٿ جي ٿري نه ته ان ليور طرف وڌندو آھي، جنھن کي ڇڪڻ سان جمھوريت ھوا ۾ جھولڻ لڳندي آھي. آئين کان ھر آمر ائين ڊڄندو آھي، جيئن ڪانءُ ڪمان کان ڊڄندو ھو. پر ڪانون جي موجوده جنريشن کي معلوم ئي ناھي ته ڪمان ڪھڙي ھٿيار جو نالو آھي؟ آئين کان خوف کائيندڙ آمريت پسندن جي پھرئين ڏينھن کان اھا خواھش رھي ته ڪنھن طرح سان آئين سان اھڙي ڪار ڪئي وڃي جو اھو آئين بظاھر ته جمھوريت جو امين ھجي پر اصل ۾ اھو آمريت جو محافظ بڻجي وڃي پر اھو ڪم ھن مھل تائين ممڪن ٿي نه سگھيو. ڪنھن ھڪ ڪيس کي ته پنھنجي مرضي مطابق ھيٺ مٿي ڪرڻ ته ممڪن بڻايو ويو پر ڪنھن کي خوش ڪري ڪرسي ماڻڻ جي لاءِ ملڪ جي جمھوري آئين جي رڳن ۾ آمريت جو زھر داخل ڪرڻ ۽ آئين جو جمھوري روح ختم ڪري ان جو صرف ۽ صرف بيجان بت سياسي سجاوٽ مان گذاري، ملڪ کي اھڙي بند گھٽيءَ ۾ اماڻي ڇڏجي، جتي صرف سياھ رات جھڙي سرد تاريڪي نه ھجي پر اتي ايتري ته ٻوساٽ ھجي، جو جمھوريت ساھ به نه کڻي سگھي.
اسان جي ملڪ ۾ آمر آيا ۽ ويا، بلڪل ائين جيئن اياز لکيو ھو:
”آيو ويو سڪندر سيوھڻ اڃان اتي آ“
ھن ڀيري اھڙي ڪرتب واري ڪاريگريءَ کان ڪم ورتو ويو آھي جو گھڙيال جا ڪانٽا ته گردش ۾ آھن پر وقت رڪجي ويو آھي. اھا عياري اڳ ڪڏھن به عمل ۾ نه آئي ھئي. جڏھن ته اھو ڪارو علم اڳ به موجود ھو. ذليل ترين ذھنن جي مٿان ضمير جا ڪجھ نه ڪجھ پاڇا پھرو ڏيندا ھئا پر جديد دور ۾ اھڙو ابتو واءُ گھليو جو بھار جي موسم گلن جو مقتل بڻجي وئي. اھڙو ڪنو ڪارنامو اڳ ڪڏھن ڪنھن سياسي ولين سرانجام نه ڏنو، جنھن جي بنياد تي جمھوريت ته پنھنجي نالي ۽ حوالي سان ڪنھن جھنڊي وانگر جھولندي رھي پر ان جي مٿان مڪمل اثر ۽ غلبو ان آمريت جو ھجي، جيڪا قانونن کي پنھنجي مرضي ۽ منشا ميڻ وانگر موڙي ڇڏيندي آھي.
ھڪ وقت اھڙو به ھو، جڏھن ڪالاباغ ڊيم جو نالو “انڊس ڊيم” رکڻ جي تجويز آئي ھئي ۽ ان جي جواب ۾ ھن ديس جي باضمير ذھنن اھو جواب ڏنو ھو ته، “زھر جو نالو آب حيات رکڻ سان ڇا زھر جو اثر ختم ٿي ويندو؟” پر ھن ڀيري آئين سان اٽڪل اھا ڪئي وئي ھو بوتل ته جمھوريت واري رکي وئي پر ان ۾ مشروب ان آمريت وارو ھو، جيڪو صرف مارشل لا جي دور ۾ نوش ڪيو ويندو آھي. اڳ ۾ آمريت جڏھن به ايندي ھئي، تڏھن اھا اگھاڙي ھوندي ھئي پر ھن ڀيري آمريت لاءِ جنھن آئيني لباسن جو اھتمام ڪيو ويو آھي، ان جي نمائش ھاڻي ميڊيا تي عام جام آھي ۽ اقتداري سياست جي ريمپ تي ڪيٽ واڪ ڪندڙ ايتري اعتماد سان قدم کڻي رھيا آھن جو پنھنجي ڦاٽل سٽل جھوليءَ ۾ قانون جا ڪڻا سنڀالي ويٺل ماڻھو ششدر ٿي شرمساري محسوس ڪن ٿا.
جمھوريت وڪڻي اقتدار وٺڻ وارو عيب ھن دور ۾ جنھن قانوني قبوليت جا مرحلا عبور ڪري رھيو آھي، ان جي بطن مان ڪو ته شعلو پيدا ٿيندو. ڪو اھڙو شعلو جنھن ۾ صرف تپش ۽ توانائي نه پر اھا روشنائي به ھجي، جيڪا اڳ ۾ تتل سيخ وانگر نه پر سرمي جي ٿڌي سرائيءَ وانگر لھندي آھي.