ابدي ننڊ ۾ ستل
آئون آهيان فاطمه
مون سمجهيو ته صرف ننڊ اچڻ بعد اڌوري ننڊ مان جاڳائي ڪڏھن ننڍڙن ٻارن کي ريجهائڻ ڪڏھن ٿانو ڌوئڻ ڪڏھن پوچو ڏياريو ويندو هو هي وري ڪير پيا ننڊ مان اٿارين
امان ابي منهنجو نالو فاطمه ڇو ته رکيو
ڪو اڀاڳو نالو رکن ها
ڇا فاطمه سدائين سورن سهڻ لاءِ نالو رکبو آھي
پنهنجو ٻالڪپڻ به وساري
اچي حويلين ۾ قيد ٿيس
نه ته حويلين جو مان مرتبو ته آئون فاطمه هيس
سڀ ڪوڙ ٿا هڻو
چوندا آھيو
نالي جي حساب سان بخت به اوتروئي هوندو آھي
پر منهنجي ڳوٺ جو هم نامي فاطمائون ڪا ڇيڻا ٿڦي ڪا ٻڪريون چاري ڪا سڄو ڏينهن ٻهارو هٿ ۾ صفائي ڪري پوءِ به سڀ فاطمه ئي چون
گهر جي گذر سفر چلھه ٻرڻ لاءِ ابي امان کي بس آئون فاطمه ئي ملي هيس
اذيتون تڪليفون سهندي ابدي ننڊ ستيس
ڏسان ته هندورن ۾ پئي لڏان
خوبصورت ويس پهريو باغن ۾ پکين جون مٺڙيون ٻوليون ٻڌان طرحين طرحين جي ميوات کاڌا پئي کاڌم
هڪ جيڏين کان وڃو پڇان
آئون فاطمه آھيان
سڀ مرڪيو چون ها تون فاطمه ئي آھين
تون پنهنجي اصل ماڳ پهچي وئي آھين
هت تنهنجو مان مرتبو فاطمه ئي آھي
اوچتو سڀ سهيليون غائب ٿي وڃن ٿيون
وري عجيب حويلين جي گهنڊن جا آواز ڪنن ۾ گونجن ٿا
مونکي وري واپس هن درنگي دنيا ۾ آڻين ٿا
منهنجو سرد وجود ڏڪي ٿو
ظالمو هاڻ ته ڇڏيو
ابدي ننڊ ڪريان
عجيب ڀالن سان جسم کي ڇهن ٿا
منهنجو وجود تڙپي ٿو
هي وري ڪهڙي اذيت آھي
ائين ڪجھه ڪلاڪن بعد مونکي واپس ليٽايو وڃي ٿو
ڏسان سهيليون ڊوڙنديون اچن
فاطمه اچي وئي
تڏھن سهيلين کي ڳراٽڙي پائي چيم
دعا ڪيو ته
شل فاطمائون محفوظ هجن
(فيس بوڪ تان ورتل)