آئر لينڊ جي ايمي هنٽر عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو

0
67

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) آئرلينڊ جي 16 سالن جي ايمي هنٽر عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. آئر لينڊ جي 16 ورهين جي ايمي هنٽر عالمي رڪارڊ پنهنجي نانءُ ڪري ورتو، ون ڊي انٽرنيشنل ۾ سينچري ٺاهيندڙ ننڍي عمر جي رانديگرياڻي جو اعزاز به ماڻي ورتو. زمبابوي خلاف پنهنجي چوٿين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ ايمي هنٽر 121 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

آئر لينڊ ميچ ۾ 3 وڪيٽن تي 312 رنز ٺاهيون، جنهن ۾ ايمي 121 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي، جواب ۾ هوم ٽيم 8 وڪيٽن تي 227 رنز ٺاهي سگهي ۽ ائين آئرلينڊ ميچ 85 رنز تان کٽِ ورتي، ايمي هنٽر پليئر آف دي ميچ رهي.