هراري(اسپورٽس ڊيسڪ) آئرلينڊ ٻي ون ڊي ميچ ۾به زمبابوي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. هراري ۾کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ٽيم 245 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾آئرلينڊ جي ٽيم ٽارگيٽ 4 وڪيٽن تي پورو ڪري ورتو. پهرين بيٽنگ ۾ زمبابوي جي ويسلي ميڌرور 61 ۽ ڪپتان سڪندر رضا 58 رنز سان نمايان رهيا. ويلنگٽن مساڪاڊزا 35، برين بينيٽ 30 رنز ٺاهي سگهيا. آئرلينڊ جي مارڪ آدير 4 وڪيٽُن ورتيون، ڪرٽس ڪيمفر 3، گراهم هم، جوش لٽل، اينڊي مڪ برائن هڪ هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيا. آئرلينڊ پاران ڪپتان پال اسٽرلنگ شاندار بيٽنگ ڪندي 89 رنز اسڪور ڪيو، ڪرٽس ڪيمفر سندس ڀرپور ساٿ ڏيندي 63 رنز ٺاهيون، ان کان سواءِ لورڪين ٽُڪر 36 ، جارج ڊوڪريل 20 رنز سان نمايان رهيا.