ممبئي(اسپورٽس نيوز) سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ شوقين نه فقط ڀارتي بيٽر ورات ڪوهلي جي نالي ۽ راند کان واقف آهن، پر ساڻس لاڳاپيل هر ننڍي وڏي ڳالهه به سندن نظرن کان اوجھل ناهي رهي. اِهو ئي سبب آهي جو 22 مارچ تي ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز اسٽيڊيم ۾ آءِ پي ايل جو 18 هون ايڊيشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ويرات ڪوهلي جو هڪ اشتهار ڀارتي ٽي وي چئنلن تي هلڻ لڳو، جنهن ۾ هو جتي به ويو ٿي اتي کيس رڳو 18 نمبر واري جرسيءَ ۾ نظر اچي رهيو آهي، 18 هون عالمي سطح تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي سميت آءِ پي ايل فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو طرفان کيڏندي سندس سڃاڻپ رهيو آهي. ايڊن گارڊنز ۾ هلندڙ سيزن جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز (ڪي ڪي آر) ۽ رائل چئلينجرز بينگلور (آر سي بي) جي وچ ۾ ٿي، جتي وراٽ ڪوهلي پهرين ئي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن ڀيري آءِ پي ايل سندس نالي رهندي. هاڻي هن ڏهن ميچن دوران آءِ پي ايل 2025ع جي سيزن جي ” اورينج ڪيپ “ ماڻي ورتي آهي.
واضح رهي ته سندس ٽيم آر سي بي 2008ع کان هنيئر تائين ڪڏهن به آءِ پي ايل ٽرافي ناهي کٽي سگهي. آءِ پي ايل ۾ جيڪو رانديگر سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندو آهي تنهن کي ”اورينج ڪيپ۾ يعني نارنگي رنگ جي ٽوپي سان نوازيو ويندو آهي، جيڪا ٽورنامينٽ دوران هڪ رانديگر کان ٻئي ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي طرح جيڪو بالر سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺي ٿو، ان کي ”پرپل ڪيپ“ ملندي آهي، اِها ٽوپي به هن وقت آر سي بي جي آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ وٽ آهي. جيڪڏهن آءِ پي ايل جي تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر ٽن سيزنن دوران اورينج ڪيپ حاصل ڪئي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽر ”يونيورس باس“ ڪرس گيل ٻه ڀيرا، شان مارش، سچن ٽينڊولڪر ۽ ويرات ڪوهلي هڪ هڪ دفعو اِهو اعزاز ماڻي چڪا آهن. هلندڙ سيزن جي پهرين ئي ميچ ۾ ڪوهلي سڀ کان وڌيڪ 59 رنسون ٺاهي اورينج ڪيپ حاصل ڪئي هئي، پر پوءِ ۾ اِها ٽوپي مختلف رانديگرن جي مٿي تي نظر آئي. هاڻي 10 ميچون کيڏي ڪوهلي گذريل رات ٻيهر اِها ٽوپي پنهنجي نالي ڪئي، هن دهلي خلاف ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾هلندڙ سيزن جي ڇهين ففٽي اسڪور ڪئي.
آءِ پي ايل جا اڌ کان وڌيڪ مقابلا ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت آر سي بي ويرات ڪوهلي جي مستقل رنسون ٺاهڻ جي ڪري ٽاپ پوزيشن تي آهي، ٽيم ڏهن ميچن مان ست کٽي 14 پوائنٽس حاصل ڪري ورتيون آهن.