جده (اسپورٽس نيوز) 13 سالن جو ڀارتي ڪرڪيٽر ويڀوو سورياونشي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جو حصو بڻجڻ وارو سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) سيزن 2025 ع لاءِ گذريل ڏينهن جده ۾ پليئرز ڊرافٽس ٿيا، جنهن ۾ ڀارتي فرنچائزز جتي ڪرڪيٽ جي دنيا جي وڏن نالن کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو، اتي 13 سالن جي ڀارتي ڪرڪيٽر ويڀوو سورياونشي به پهريون ڀيرو آءِ پي اي جو حصو بڻجي ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي، آءِ پي ايل جي پهرين ايڊيشن جي فاتح ٽيم راجستان رائلز نوجوان ڪرڪيٽر سوريا ونشي کي هڪ ڪروڙ 10 لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو ۽ اسڪواڊ جو حصو بڻايو، جنهن بعد سوريا ونشي آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ ڪنهن به ٽيم طرفان خريد ڪيل سڀ کان ننڍي عمر وارو رانديگر بڻجي ويو آهي.