ممبئي (اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد تي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي سي اي او ڪاويا مارن جي پيءُ نيٿي مارن تي سندس ڀاءُ دياني ڌيءَ مارن پاران سنگين الزام لڳايا ويا آهن. سن ٽي وي نيٽ ورڪ جي باني ۽ اڳوڻي وزير دياني ڌِي مارن پنهنجي ڀاءُ ڪلانيٿي مارن (جيڪو ڪمپني جو چيئرمين آهي) ۽ آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي مالڪ خلاف فراڊ، مالي بي ضابطگين ۽ مني لانڊرنگ جا سنگين الزام لڳايا آهن، دياني ڌِي مارن هڪ قانوني نوٽيس ۾ الزام لڳايو آهي ته سندس ڀاءُ هڪ ڊگهي مدي واري منصوبي جي حصي طور خانداني ميڊيا سلطنت تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ شيئر هولڊنگز ۾ هٿ چراند ڪئي، جيڪا هن جو چوڻ آهي ته 2003 ۾ شروع ٿي هئي جڏهن سندس پيءُ، مارسولي مارن، سخت بيمار هو ۽ خاندان هڪ ڪمزور پوزيشن ۾ هو. دياني ڌيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته ڪالا نيتي مارن کي 1.2 ملين شيئر صرف 10 رپيا في شيئر تي الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته ان وقت انهن جي مارڪيٽ ويليو 2,500 رپيا کان 3,000 رپيا في شيئر هئي. ان سان خاندان جو اصل حصو 50 سيڪڙو کان گهٽجي صرف 20 سيڪڙو ٿي ويو، جڏهن ته خاندان کي تقريباً 3,498.8 ڪروڙ رپيا نقصان پهتو. دياني ڌيءَ الزام لڳايو ته ڪلانيٿي انهن ناجائز ڪمايل منافعن کي استعمال ڪندي ڪيتريون ئي ڪمپنيون ۽ اثاثا خريد ڪيا، جن ۾ سن ڊائريڪٽ ٽي وي، ڪيل ايئر ويز، ڪيل ريڊيوز، آئي پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد، سائوٿ ايشين ايف ايم، سن پڪچرز، اسپائس جيٽ (ايئر لائن) ۽ ڏکڻ آفريڪا ۽ برطانيه جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ليگ ۾ ٽيمون شامل آهن. قانوني نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سن ٽي وي پنهنجي پراسپيڪٽس ۾ ظاهر ڪيو ته 2005 ۾ سندس ماءُ مليڪا مارن کي 10.64 ڪروڙ رپيا ڊيويڊنڊ طور ڏنا ويا هئا، پر حقيقت ۾، اهڙو ڪجهه به نه ٿيو. دياني ڌيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته غير قانوني ذريعن مان حاصل ڪيل پئسا آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي خريداري ۽ فنڊنگ ۾ پڻ استعمال ڪيا ويا، ۽ اهي اثاثا مجرمانه آمدني سان خريد ڪيا ويا، جيڪو مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت هڪ جرم آهي.

ڪلانيٿي مارن ۽ سندس زال ڪاويري مارن کي چيو ويو آهي ته اهي سڀئي حصا ۽ اثاثا انهن جي اصل 2003 جي حيثيت ۾ واپس ڪن، انهي سان گڏ انهن سالن دوران ڪمايل ڪنهن به منافعي ۽ آمدني کي. ٻي صورت ۾، فوجداري ۽ سول ڪيس داخل ڪيا ويندا. دياني ڌيءَ اهو به انڪشاف ڪيو ته ڪلانيٿي قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ 2024 ۾ هڪ خانگي تصفيه ۾ پنهنجي ڀيڻ انبڪاري کي 500 ڪروڙ رپيا ڏنا هئا.