ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ بيٽ جي سائيز بابت تڪرار ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڪرڪيٽ بيٽ جي حوالي سان پهريون تڪرار 1771ع ۾ تڏهن سامهون، اصل ٿامس وائيٽ نالي هڪ رانديگر ميچ دران وڪيٽن جي ويڪر برابر بيٽ سان ميدان تي لٿو، جنهن کانپوءِ ئي بيٽ جي ماپ لاءِ باقاعده قاعدا مقرر ڪيا ويا. هاڻوڪي دور ۾ به بيٽ جي ماپ ۽ شڪل بابت بحث جاري آهن. ماضيءَ ۾ آندري رسل، ڪرس گيل، ميٿو هيڊن ۽ رڪي پونٽنگ جهڙن رانديگرن جون بيٽون پڻ تڪراري رهيون آهن. جڏهن ته اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ڊينس للي طرفان استعمال ڪيل ايلومينيم بيٽ به تڪرار جو سبب بڻي هئي.
ويجهڙ آءِ پي ايل جي 18هين سيزن دوران ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڪاگيسو ربادا بيٽ ۽ بال ۾ توازن نه هئڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ٽيمون ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ 300 رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن، تنهنڪري هاڻي هن راند کي ”ڪرڪيٽ“ بدران ”بيٽنگ“ سڏڻ کپي. ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) بيٽ جي سائيز تي نظر رکڻ لاءِ امپائرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. بي سي سي آءِ هدايت ڪئي آهي ته هاڻي هر بيٽر کي بيٽنگ شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي بيٽ چيڪ ڪرائڻي پوندي.