ممبئي(اسپورٽس نيوز) انڊين پرميئر ليگ( آءِ پي ايل ) ۾ ممبئي انڊينز جي ٽيم لکنئو کي 54 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خبر موجن ممبئي جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 215 رنسون اسڪور ڪيون،ريڪلٽن 58،يادو54،جيڪس 29،نمن 25 رنسون اسڪور ڪيون،لکنئو طرفان ميانڪ يادو ۽ اويش خان 2-2، پرنس،دگويش ۽ بشنوئي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،ٽارگيٽ جي پويان ڊوڙيندي لکنئو جي پوري ٽيم 161 رنسن تي ڍير ٿي وئي،مارش 34، بدوني 35،پورن 27 رنسون اسڪور ڪيون، ممبي طرفان بمراهه 4، بولٽ 3 ۽ جيڪس 2 وڪيٽون ورتيون