بئنگلورو(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) ۾ هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو. آءِ پي ايل جي فرنچائز رائل چئلينجرز بئنگلورو جي نمائندگي ڪندڙ ويرات ڪوهلي خميس جي رات دهلي ڪيپيٽلز خلاف نئين تاريخ لکي ڇڏي. ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل ۾ هڪ هزار بائونڊريز ( چوڪا ۽ ڇڪا ) هڻندڙ دنيا جو پهريون رانديگر بڻجڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. آءِ پي ايل جي ارڙهن ئي سيزن ۾شرڪت ڪندڙ رڳو چئن رانديگرن ۾ شامل ويرات ڪوهلي هينئر تائين 257 ميچون کيڏي چڪو آهي، جنهن ۾ هن 721 چوڪا ۽ 280 چڪا هنيا آهن، ڪوهلي هڪ هزار بائونڊريز مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو بئنگلورو جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ دهلي ڪيپيٽلز خلاف بيٽنگ ڪندي چوٿين اوور جي ٽئين بال تي اڪشر پٽيل کي ڇڪو هڻي انجام ڏنو . ڪوهلي اڳ ئي آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ چوڪا هڻندڙ بيٽر جو اعزاز ماڻي چڪو آهي، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جي فهرست ۾ هو ڪرس گيل (357) ۽ روهت شرما ( 282) کانپوءِ ٽئين نمبر تي آهي. ان کانسواءِ ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر پڻ آهي، هو 257 ميچن ۾ اٺ هزار 190 رنسون ٺاهي چڪو آهي.