نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل ۾ امپائر به گهڻو ڪمائي رهيا آهن. انهن جي ڪمائي لکن ۾ آهي. پر اها رانديگرن کان گهٽ هوندي آهي. ٽن فيلڊ امپائرن کي في ميچ جا 3 لک رپيا ۽ چوٿين امپائر کي 2 لک رپيا ملندا آهن. جڏن ته ميچ کيڏندڙ ٽيم ۽ متبادل رانديگر 7 لک 50 هزار رپيا ڪمائيندو آهي. فرنچائز کان ملندڙ معاوضو ۽ پگهار ان کان علاوه آهي.