نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل ميچ دوران دهلي ڪيپيٽلز جي اسپنر ڪُلديپ يادو، ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز جي رانديگر رنڪو سنگهه کي ميدان ۾ چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ٻنهي رانديگرن ۾ ميچ دوران لفظي تڪرار ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻين رانديگرن وچ ۾ پئي ڪري معاملو ٽاري ڇڏيو، اِهو واقعو ميچ ريفري کي پڻ رپورٽ ڪيو ويو. ميچ جي پڄاڻي تي جڏهن ٻئي ٽيمون هٿ ملائڻ لاءِ گڏ ٿيون ته ڪُلديپ يادو اوچتو رنڪو سنگهه کي ميدان ۾ چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن اسپنر جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سندس معطلي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. واضح رهي ان ميچ ۾ ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز، دهلي ڪيپيٽلز کي 14 رنسن سان شڪست ڏني هئي. ياد رهي ته آءِ پي ايل جي پهرين سيزن 2008 دوران به اهڙو ئي واقعو پيش آيو هو، جڏهن اڳوڻي اسپنر هرڀجن سنگهه، پنهنجي ٽيم جي رانديگر سري سانت کي چماٽ هنئي هئي. ان کانپوءِ ڀارتي اسپنر هرڀجن سنگهه پنهنجي رويي تي معافي گهري هئي.