ممبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل جي هڪ مئچ ۾ اوور ۾ لاڳيتو 5 ڇڪا لڳڻ تي بالر يش ديال بيمار ٿي پيو جنهن سبب سندس وزن 8 ڪلو گهٽجي ويو. تفصيل موجب ڀارت ۾ انڊين پريميئر ليگ جا دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ ميچ جاري آهن، هڪ مئچ ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊر جي بيٽر رنڪوسنگهه گجرات ٽائيٽنز جي بالر يش ديال کي لاڳيتو 5 ڇڪا هنيا، دلچسپ ۽ ڇرڪائيندڙ ميچ جي آخري اوور ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيدڙ کي ڪاميابي لاءِ 27 رنز گهربل هيون ڪولڪتا جي جارحانا مزاج بيٽر رنڪو سنگهه لاڳيتو 5 ڇڪا هڻي پنهنجي ٽيم کي شاندار ڪاميابي ڏياري، ميچ جي شڪست ۾ مک ڪردار هجڻ سبب يش ديال بيماري ٿي پيو ۽ کيس ٻئي ميچ مان پڻ ٻاهر رکيو ويو، يش ديال جو طبي معائنو ڪرايو ويو رپورٽ ۾ سندس وزن 8 ڪلو گهٽ آيو. گجرات ٽائيٽنز جي ڪپتان هاردڪ پانڊيا انڪشاف ڪيو ته شڪست سبب يش ديال جي حالت اڃا تائين بهتر ناهي ٿي، کيس ٻيهر واپسي ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو.