اسلام آباد: پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ هيڪ ڪيل ڀارتي ويب سائيٽن جو ڊيٽا منظر عام تي اچي وئي. پاڪستاني سائبر حملي ۾ ڪيترين ئي ڀارتي ويب سائيٽن کي هيڪ ڪيو ويو، هيڪ ٿيل ويب سائيٽن ۾ ڀارتي آسام رائفل، ڊپارٽمينٽ آف اٽامڪ انرجِي پورٽل، انڊين ڊفينس پروڊڪشن سميت ٻيا ادارا شامل آهن، انڊين ڊفينس پروڊڪشن جي ويب سائيٽ جو حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي وڪري لاءِ رکيو ويو. انهن ڀارتي ويب سائيٽن تي ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت ۽ ڀارت دهشتگردي جي آماجگاهه آهي، جهڙا جملا لکيا ويا. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ ڀارت جون جدت جو وڏيون دعوائون کوکليون ثابت ٿي ويون.