اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عائشه ملڪ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو آهي. جنهن ۾ هن مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ جاري ڪيل پنهنجي اختلاف نوٽ کي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ پاران عدالتي ويب سائيٽ تي اپلوڊ نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي خط جي متن ۾ چيو آهي ته هن ۽ جسٽس عقيلي عباسي مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هنن پنهنجو اختلافي نوٽ 6 مئي 2025ع تي منجهند 3:11 وڳي جاري ڪيو هو. تنهن هوندي به آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ اڃا تائين اهو اختلافي نوٽ ويب سائيٽ تي اپلوڊ ناهي ڪيو، ۽ جڏهن اڄ ٻيهر پڇا ڪئي وئي ته ڊپارٽمينٽ موقف اختيار ڪيو ته هو اهو اهي نوٽ اپلوڊ نٿا ڪري سگهن. جسٽس عائشه ملڪ پنهنجي خط ۾ ان عمل کي ناقابل قبول ۽ عدالتي ڪارروائي جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. هن چيف جسٽس کان استدعا ڪئي ته آرڊر کي بنا ڪنهن دير جي فوري اپلوڊ ڪرايو وڃي ته جيئن عوام، ميڊيا ۽ قانوني ماهرن تائين عدالتي فيصلي جي سمورن رخن کان مڪمل رسائي لاءِ حاصل ٿي سگهي. هن زور ڏنو ته آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جو اهڙو رويو سپريم ڪورٽ جي شفاف عدالتي عمل کي متاثر ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.