آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ وزيراعليٰ ڪي پي ڪي اشتهاري قرار

0
15
گنڊاپور جي مانسهره ۾ اهم گڏجاڻي، هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور روانگي جو امڪان
گنڊاپور جي مانسهره ۾ اهم گڏجاڻي، هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور روانگي جو امڪان

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، جج طاهر عباس سپرا پاران لکت ۾ فيصلو جاري، عدالت آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏنو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڪيس کي ٻين جوابدارن کان ڌار ڪيو ويو آهي، ٻڌڻي دوران جوابدار راجا راشد حفيظ، واثق قيوم، راجا خرم نواز، فيصل جاويد، عمر تنوير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، سمورن غيرحاضر جوابدارن جي وڪيلن طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي، عدالت جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد  ڪندي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي