لاھور(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ويمن ڪواليفائنگ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ويمنز، ويسٽ انڊيز ويمنز کي شڪست ڏئي ڇڏي، هن ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان ويمينز جا ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ويمنز جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 50 اوورن ۾ 191 رنز تي ڍير ٿي وئي. اڪستان اران صدره امين 54 رنز جي شاندار اننيز کيڏي، منيبا علي 33 رنز ٺاهيون،جڏهن ته عاليا رياض 20 رنز، صدره نواز 23 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيون. پاڪستان پاران ڏنل 192 رنز جي ٽارگيٽ پويان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز ويمنز جي ٽيم چاليهين اوور ۾ 126 رنز ٺاهي ڍير ٿي وئي. ويسٽ انڊيز ويمن پاران عالياه عليني سڀ کان وڌيڪ 22 رنز ٺاهيون، شڪيبا گنجابي 21 رنز سان نمايان رهي. پاڪستاني بالرز ۾ فاطمه ثنا شانداربالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته رامين شميم ۽ نشرا سنڌو 2_2 وڪيٽون ورتيون ۽ سعديا اقبال هڪ وڪيٽ ورتي. صدره امين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. لاڳيتو ٽين ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان جون 6 پوائنٽون ٿي ويون آهن،جنهن سان سندس ورلڊڪپ لاءِ ڪوالفياءِ ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن.