ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اٺن ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو ميلو 19 فيبروري کان پاڪستان ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 8 ٽيمن وچ ۾ ٽرافي حاصل ڪرڻ لاءِ زور آمائي ڪنديون، ان حوالي سان ڪرڪيٽ شوقينن جو جنون عروج تي آهي. ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ اڄ ٿيندي، جيڪا ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ ڪُل 15 ميچون کيڏي وينديون، جن لاءِ ٽيمن پنهنجي تياريون مڪمل ورتيون آهن، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پنهنجون سموريون ميچون دبئي ۾ کيڏندي. اٺن سالن جي وقفي کانپوءِ چيمپيئنز ٽرافي جو نائون ايڊيشن پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. هي ٽورنامينٽ ون ڊي فارميٽ تحت کيڏي ويندي آهي، جيڪا شروع ۾ “آءِ سي سي ناڪ آئوٽ” جي نالي سان مشهور هئي، جنهن جو مقصد ٽيسٽ نه کيڏندڙ ملڪن جي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ هو. پهريون ڀيرو هي ايونٽ 1998ع ۾ بنگلاديش ۾ ٿيو، جڏهن ته ٻيو ايڊيشن 2000ع ۾ ڪينيا ۾ ٿيو. 2002ع ۾ ان جو نالو تبديل ڪري آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي رکيو ويو، جيڪا هر 2 سال بعد ٿيندي هئي. 2008ع ۾ ٽورنامينٽ پاڪستان ۾ رٿيل هئي، پر سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي نه ٿي سگهي، جيڪا 2009ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ منعقد ٿي. 2009ع کانپوءِ ٽورنامينٽ هر چئن سال بعد ٿيڻ لڳي پر 2017ع ۾ انگلينڊ ۾ ٿيل چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ آءِ سي سي ان فارميٽ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر نومبر 2021ع ۾ آءِ سي سي اعلان ڪيو ته چيمپيئنز ٽرافي ٻيهر ٿيندي، جنهن جو نائون ايڊيشن 2025ع ۾ پاڪستان ۾، جڏهن ته 2029ع وارو ايونٽ ڀارت ۾ کيڏيو ويندو. چيمپيئنز ٽرافي 2025ع 19 فيبروري کان شروع ٿيندي ۽ فائنل 9 مارچ تي کيڏيو ويندو. هي پاڪستان ۾ 1996ع کانپوءِ ٿيندڙ پهريون وڏو آءِ سي سي ايونٽ آهي. ڪراچي، راولپنڊي ۽ لاهور ٽورنامينٽ جي ميچن جا ميزبان شهر هوندا. جڏهن ته ڀارت رائونڊ ميچن سميت جيڪڏهن سيمي فائنل ۽ فائنل ۾ پهتو ته اِهي دبئي ۾ کيڏندو. چيمپيئنز ٽرافي ۾ 8 ٽيمون شامل آهن، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ۽ سيمي فائنل کٽيندڙ ٽيمون فائنل ۾ مقابلو ڪنديون. گروپ مرحلو 2 مارچ تائين جاري رهندو، جڏهن ته 4 ۽ 5 مارچ تي سيمي فائنل مقابلا شيڊيول، هر ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند 2 وڳي شروع ٿيندو. فائنل 9 مارچ تي کيڏيو ويندو. جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ پهتو ته ميچ دبئي ۾ ٿيندي، ٻي صورت ۾ فائنل لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.