ڪراچي(اسپورٽس نيوز)انٽر نيشنلن ڪرڪيٽ ڪائونسل  (آءِ سي سي )پليئر آف دي منٿ لاءِ محمد رضوان کي به نامزد ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ سيپٽمبر لاءِ پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان کي به نامزد ڪيو آهي. هن کي بهترين بيٽنگ پرفارمنس سبب پهريون ڀيرو نامزدگي ملي، ان اعزاز لاءِ رضوان جو مقابلو آسٽريليا جي ڪيمرون گرين ۽ ڀارتي اڪشر پٽيل سان ٿيندو. ٻئي طرف ويمنز ايوارڊ لاءِ بنگلاديش جي ڪپتان نگار سلطانه به نامزد رانديگرن ۾ شامل آهي، هن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو، هن سان گڏ ايوارڊ لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽرز هرمنپريت ڪور ۽ سمرتي منڌانا کي به نامزد ڪيو ويو آهي.