دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي)”پليئر آف دي منٿ“لاءِ نامزدگين جو ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي موجب، گذريل مهيني جي بهترين رانديگر جي نامزدگي لاءِ آسٽريليا جي اسٽيون اسمٿ، ڀارت جي شُبمَن گِل ۽ نيوزيلينڊ جي گلين فلپس جا نالا چونڊيا ويا آهن. ان کانسواءِ آءِ سي سي طرفان “وومين ڪرڪيٽر آف دي منٿ” لاءِ به نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي. عورتن جي ڪيٽيگري ۾ آسٽريليا جي الانا ڪنگ، انابيل سدرلئنڊ، ۽ ٿائلينڊ جي ٿيپاتچا پٿاوونگ کي نامزد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آءِ سي سي طرفان نامزدگين جو اعلان رانديگرن جي فيبروري مهيني جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.