دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي پلئيرز جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت ڀارت جو شُبمَن گِل ون ڊي جو نئون نمبر ون بيٽر بڻجي ويو، جڏهن ته پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان بابراعظم ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ موجب، شبمن گل 796 پوائنٽس سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته بابراعظم 773 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي هليو ويو. بيٽرز جي فهرست ۾ ڀارت جو روھت شرما ٽئين، ڏکڻ آفريڪا جو هينرڪ ڪلاسن هڪ درجو بهتر بعد چوٿين، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل ٻه درجا ترقي ڪندو پنجين نمبر تي اچي ويو. پاڪستان جو فخر زمان هڪ درجو وڃائيندي 14هين نمبر تي، جڏهن ته ڪپتان محمد رضوان ڇهه درجا ترقي کانپوءِ 15هين نمبر تي پهچي ويو آهي. آءِ سي سي ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جو مهيش ٿيڪشانا نمبر ون بولر بڻجي ويو، جڏهن ته افغان اسپنر راشد خان هڪ درجو وڃائيندي ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو شاهين آفريدي به هڪ درجو تنزلي کانپوءِ پنجين نمبر تي هليو ويو، جڏهن ته ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر پنج درجا ترقي ڪندي ستين نمبر چي ويو آهي. ون ڊي آل رائونڊرز جي فهرست ۾ افغانستان جو محمد نبي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.