دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي پليئرز جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو ڪو به رانديگر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو. آءِ سي سي رينڪنگ موجب،بيٽرن ۾ آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ پهرئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته ڀارت جي اڀيشڪ شرما جي ٻي ۽ انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٽِين پوزيشن آهي. پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان بابراعظم ٽه درجا هيٺ وڃائڻ کانپوءِ 12هين نمبر تي هليو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان هڪ درجو تنزلي بعد 13هين نمبر تي پهچي ويو آهي. محمد حارث شاندار ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي 210 درجن جو وڏو ٽپو ڏيندي ٽيهين نمبر اچي ويو آهي، جڏهن ته حسن نواز 57 ترقي ماڻيندي هاڻي 46هين نمبر تي موجود آهي. پاڪستان جي صائم ايوب به 4 درجا اڳتي وڌندي 61هين پوزيشن تي ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا 42 درجا بهتريءَ کانپوءِ 76 هين نمبر تي اچي ويو آهي.